مان 12 شاديون ڪيان يا 12 طلاقون وٺان ان سان ٻين جو ڇا وڃي: ريحام خان

نومبر 13, 2023

ريحام خان پنهنجي ٽئين طلاق وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، پنهنجي مڙس مرزا بلال سان گڏ جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ ريحام خان چيو ته مان 12 شاديون ڪيان يا 12 طلاقون وٺان ان سان ٻين جو ڇا وڃي

جاري وڊيو بيان ۾ ريحام خان چيو ته ماڻهو مون تي ڌيان ڏيڻ بدران پنهنجي ازدواجي زندگي تي وڌيڪ ڌيان ڏين، ماڻهن کي گهرجي يا پنهنجي زالن تي ڌيان ڏين ۽ عورتن کي گهرجي ته پنهنجي مڙسن تي ڌيان ڏين

ريحام خان جي مڙس مرزا بلال چيو ته طلاق جون ڪوڙيون خبرون رڳو هڪ سياسي جماعت جي ماڻهن پاران پکيڙيون ويون، سوشل ميڊيا تي پکيڙيل خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي

Leave A Comment