ماهه رنگ بلوچ، حديقه ڪياني دنيا جي 100 بااثر عورتن ۾ شامل
ڊسمبر 4, 2024
لنڊن (م ڊ) برطانوي خابرو اداري (بي بي سي) دنيا جي 100 متاثر ڪندڙ ۽ بااثر عورتن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ ٻه پاڪستاني عورتون پڻ شامل آهن. فهرست ۾نوبيل انعام ماڻيندڙ ناديه مراد، انساني حقن جي ڪارڪن گيسل پيليڪوٽ، اداڪارا شيرون سٽون، ڀارتي سماجي ڪارڪن ارونا راءِ، اولمپيئن ايٿليٽ ريبيڪا اينڊريڊ ۽ ايليسن فيلڪس،گلوڪارا ري، وزوئل آرٽسٽ ٽريسي ايمن، ماحولياتي تحفظ جي ڪارڪن اڊينيڪي اولاڊوسو ۽ ليکڪ ڪرسٽينا ريويرا گرزا شامل آهن. غزه، لبنان، يوڪرائن ۽ سوڊان ۾ ڀيانڪ تڪرار ۽ انساني بحرانن کي منهن ڏيڻ کان سڄي دنيا ۾ رڪارڊ انگ ۾ چونڊن بعد معاشرن ۾ پولرائزيشن ڏسڻ تائين، عورتن کي مزاحمت جي لاءِ نوان گس تلاشڻ ۾ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پئي. بي بي سي 100 عورتون ان ڳالهه جو اعتراف آهن ته هلندڙ سال عورتن کي ڪيترو نقصان ڀوڳڻو پيو آهي ۽ اهڙين عورتن کي اجاگر ڪيو جيڪي پنهنجي مزاحمت ذريعي تبديلي تي زور ڏئي رهيون آهن ڇو ته سندن ڀرپاسي دنيا تبديل ٿي رهي آهي. بي بي سي طرفان جاري ڪيل دنيا جي 100 متاثر ڪندڙ ۽ بااثر عورتن جي فهرست ۾ پاڪستاني گلوڪارا ۽ سماجي ڪارڪن حديقه ڪياني جو نالو پڻ شامل آهي. حديقه ڪياني 90 جي ڏهاڪي ۾ پاپ ميوزڪ ذريعي شهرت ماڻي جڏهن ته هوءَ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام جي خير سگالي سفير پڻ آهي. گلوڪارا 2022ع جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي منصوبو شروع ڪيو ۽ بلوچستان ۾ بي گهر متاثرن لاءِ ٽي سئو گهر تعمير ڪيا. ان کانسواءِ انساني حقن جي ڪارڪن ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جو نالو به دنيا جي سئو متاثر ڪندڙ بااثر عورتن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.