ماهه رنگ جن کي مسنگ پرسنز بڻايو، اهي ايران ۾ مارجي ويا: جان اچڪزئي
جنوري 22, 2024
ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي اطلاعات واري نگران وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته اسلام آباد ڌرڻي ۾ ماسڪ پاتل ماڻهو ڪالعدم تنظيمن جا دهشتگرد به ٿي سگهن ٿا، پاڪستان تي الزام هڻڻ لاءِ دشمن ايجنسيون ڌرڻي جي ڪئمپ کي نشانو بڻائي سگهن ٿيون. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جان اچڪزئي چيو ته ماهه رنگ بلوچ مسنگ پرسنز جي نالي تي ڊرامو ڪري رهي آهي، هوءَ ملڪ کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، جن ماڻهن انهن کي مسنگ پرسنز بڻايو هو، اهي دهشتگرد ايران ۾ مارجي ويا. هن چيو ته پاڪستان کي کوڙ جاين تي ڪاميابيون مليون آهن، هي ٽولو ڪالعدم تنظيمن جي ڍال بڻجي رهيو آهي، اهي ماڻهو اسلام آباد ۾ تخريبڪاري لاءِ ويٺا آهن، اهي امن امان جي صورتحال خراب ڪري سگهن ٿا، ڪنهن به دهشتگردي جي واقعي کي روڪڻ ناممڪن ٿي ويندو آهي، هتي به ڪو واقعو ٿي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ جيش العدل جهڙي تنظيم جو ڪو وجود ناهي، اهو عدالتي معاملو ناهي، اسلام آباد ۾ جاري ڪئمپ کي انتظامي طور منهن ڏنو ويندو.