ماهه رنگ کي سزا: بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ هڙتال

ماهه رنگ کي سزا: بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ هڙتال

سبي/ڪوئيٽا (رپورٽر+ م ڊ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ مرڪزي اڳواڻا صبغت الله کي سزا ڏيڻ خلاف بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي. هڙتال BYC جي سڏ تي ڪئي وئي هئي جڏهن ته ڪجهه ٻين قومپرست پارٽين پڻ ان جي حمايت جو اعلان ڪيو هو. صوبي جي مختلف علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جنهن جي ڪري عام ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿيون. ڪوئيٽا ۾ سڀئي وڏا ڪاروباري مرڪز، بازار ۽ دڪان بند رهيا ۽ روڊن تي ٽرئفڪ جي حرڪت معمول کان تمام گهٽ ڏٺي وئي. گوادر ۾ مڪمل شٽر ڊائون هڙتال رهي. خضدار ۾ ڪاروباري برادري ۽ ٽرانسپورٽرن پاران موٽ ڏني وئي ۽ بازارون بند رهيون. تربت ۽ پنجگور ۾  شٽر ڊائون هڙتال زندگي کي مفلوج ڪري ڇڏيو. چمن ۽ لورالائي سميت انهن علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز بند رهيا مکيه شاهراهن تي به ٽرئفڪ معطل رهي، جنهن جي ڪري مسافرن کي ڏکيائيون پيش آيون.