| ماهيگيري لاءِ لائسنس لازمي: بندش پيل ڄار استعمال ڪرڻ تي لک رپيا ڏنڊ لاڳو |
ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي گورنر نهال هاشمي سنڌ فشريز (ترميمي) بل 2026 جي منظوري ڏئي ڇڏي، مڇي مارڻ جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ سامونڊي زندگي جي حفاظت لاءِ جوڙيل قانون ۾ ڏنڊ وڌايا ويا آهن، لائسنس کانسواءِ مڇي ماريندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. پابندي پيل ڄار استعمال ڪرڻ ۽ غير قانوني شڪار ڪرڻ تي ھڪ لک رپين تائين ڏنڊ وڌو ويندو، جڏهن ته لائسنس بنا پروسيسنگ پلانٽ يا ڪارخانو هلائڻ تي 50,000 رپيا ڏنڊ پوندو. غير قانوني مڇي خريد ڪرڻ، وڪڻڻ ۽ واپار ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ماحولياتي گدلاڻ پيدا ڪرڻ ۽ صنعتي گند پاڻي ۾ اڇلائڻ تي به ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.