مايوسي، منشيات ۽ نفسياتي تباهيءَ جو الميو

                 سنڌ جي هوا ۾ هميشه فن، فڪر، صوفياڻي سوچ ۽ علم جي خوشبو رچيل رهي آهي. هيءَ سرزمين شاعرن، مفڪرن ۽ سچ جي ڳولا ڪندڙ پانڌيئڙن کي جنم ڏيندي آئي آهي، پر افسوس ته ساڳي سنڌ اڄ هڪ نئين زخم، هڪ نئين تباھڪاري ۽ هڪ نئين علمي ۽ نفسياتي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. هر ڪجهه ڏينهن ۾ ڪا نه ڪا ڏک جي خبر سامهون اچي ٿي ته فلاڻي ڳوٺ ۾ نوجوان زندگيءَ انت آڻي ڇڏيو ، فلاڻي ڪاليج جو شاگرد آئس جو عادي ٿي ويو، يا ڪنهن غريب پيءُ نشي جي حالت ۾ پنهنجن معصوم ٻارن جو قتل ڪري ڇڏيو. اهڙيون خبرون اڳ ڪڏهن ڪڏهن ٻڌيبون هيون، پر هاڻي اهي عام ٿي ويون آهن، ۽ ان کان وڌيڪ خوفناڪ ڳالهه اها آهي ته سماج بي‌حسيءَ سان انهن ڏانهن ڏسڻ لڳو آهي.

                 سنڌ جا تعليمي ادارا به نوجوانن کي صرف ڪتابي علم ته ڏين ٿا، پر تربيت، ڪيريئر گائيڊنس، ذهني قوت، زندگيءَ جي اهنجن کي منهن ڏيڻ جو حوصلو ۽ شخصيت جي تعمير جهڙيون بنيادي ضرورتون مڪمل طور نظرانداز ٿيل آهن. شاگرد ڏينهن رات پڙهي امتحان پاس ڪن ٿا، پر حقيقي دنيا جي دٻاءَ، مسئلن ۽ ذميوارين کي منهن ڏيڻ جي سگهه نٿا رکن. جڏهن نوجوان حقيقي زندگيءَ طرف وک وڌائين ٿا، تڏهن هو پاڻ کي مايوسي ۽ نااميدي محسوس ڪن ٿا.

اڄ سنڌ ۾ نفسياتي بيماريون جهڙوڪ ڊپريشن، انزائٽي، احساس ڪمتري ۽ ذهني دٻاءُ هڪ خاموش وبا بڻجي چڪيون آهن، پر نه انهن جي علاج جون سهولتون عام آهن، نه سماجي قبوليت ۽ نه ئي آگاهي. جڏهن ڪو نوجوان ذهني تڪليف جو ذڪر ڪري ٿو، ته معاشرو کيس “ڪمزور”، “بي‌همت” يا “ڊرامي باز” چوندو آهي. ڪيترائي نوجوان علاج ڪرائڻ بدران بدنام ٿيڻ کان ڊڄي چپ ٿي وڃن ٿا، ۽ اها خاموشي سندن اندر کي آهستي آهستي ختم ڪريو ڇڏي، بيوس ٿيو پون. انهيءَ صورتحال کي وڌيڪ ڀيانڪ بڻائڻ ۾ منشيات به اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. آئس، چرس، سفينا ۽ هيروئن هاڻي نه رڳو شهرن، پر ڳوٺن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ اسڪولن تائين پهچي چڪيون آهن. ڪيترائي نوجوان ذهني دٻاءَ، بيروزگاري، مايوسي يا گهر جي تڪرارن سبب نشي جو سهارو وٺي ويهن ٿا ۽ آهستي آهستي انهن جو ذهن، جسم ۽ مستقبل تباهي ڏانهن وڌي ٿو. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪڏهن ڪڏهن ڪارروائي ڪن ٿا، پر وڏا نيٽ ورڪ ۽ منشيات جا واپاري بي‌خوف پنهنجو ڌنڌو جاري رکندا آهن، جيڪو ايندڙ نسل لاءِ زهر کان گهٽ ناهي.

اصل مسئلو صرف بيروزگاري يا منشيات نه آهي؛ مسئلو سماجي بي‌حسي، خاندانن جو ٽٽڻ، دٻاءُ، غربت، عزت جو خوف ۽ هڪ ٻئي کي نه سمجهڻ به آهي. والدين وٽ وقت ناهي، استاد وٽ توجهه ناهي، حڪومت وٽ ترجيح ناهي، ۽ سماج وٽ احساس ناهي. نتيجي طور نوجوان اندروني جنگ ۾ اڪيلا وڙهي رهيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هڪ نوجوان کي پنهنجي وجود کي بچائڻ لاءِ رڳو هڪ همدردي، هڪ سمجهه، يا هڪ سهارو گهربل هوندو آهي، جيڪو کيس نه گهر مان ملي ٿو، نه استاد کان، نه دوستن کان، ۽ نه ئي حڪومت کان. انهن سڀني تڪليفن باوجود اميد مڪمل طور تي ختم ناهي. سنڌ ۾ اڄ به ڪيترا نوجوان، استاد، سماجي ڪارڪن، ليکڪ ۽ باشعور ماڻهو تبديليءَ لاءِ وڙهي رهيا آهن. جيڪڏهن سماج گڏجي، حڪومت سنجيدگيءَ سان قدم کڻي، ۽ ادارا پنهنجو ڪردار نڀائن، ته تبديلي ممڪن آهي. سنڌ کي counseling مرڪزن، نفسياتي علاج، منشيات خلاف حقيقي مهم، ڪيريئر گائيڊنس، روزگار جي موقعن، نوجوانن لاءِ اسڪيمن ۽ تعليمي ادارن ۾ تربيت جهڙين سهولتن جي سخت ضرورت آهي.

آخر ۾ اها حقيقت سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جو مستقبل انهن ئي نوجوانن سان جڙيل آهي، جيڪي اڄ اونداهين ۾ روشني ڳولي رهيا آهن. جيڪڏهن اسان اڄ انهن جو هٿ نه ورڻ ڏيو، ته سڀاڻي اسان وٽ رڳو خالي نظرون، ڀڳل اميدون ۽ وسريل خواب رهجي ويندا. جڏهن ڪو نوجوان پاڻ کي ختم ڪري ٿو، تڏهن رڳو هڪ جان نٿي وڃائجي ــ پر هڪ خواب، هڪ اميد ۽ پوري قوم جو مستقبل ساڻس گڏ دفن ٿي وڃي ٿو.