| مايوس ٿي پاڪستان ڇڏي ويل ٽيسٽ ڪرڪيٽر طفر گوهر جي انگلينڊ طرفان کيڏڻ جا امڪان |
لنڊن (اسپورٽس نيوز) ماضي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ ظفر گوهر هاڻي انگلستان جي ٽيم ۾ جڳهه بنائڻ جو خواهشمند آهي. انگلش ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ اسپنرن لاءِ ڪجهه روايتي تصور رکيا وڃن ٿا ته عمر سان گڏ ڪارڪردگي ۾ نکار اچي ٿو ۽ ٽيم ۾ رهڻ لاءِ بيٽنگ جي صلاحيت به ضروري هوندي آهي. مڊل سيڪس جي پاڪستاني نسل جي اسپنر ظفر گوهر هاڻي انهن ٻنهي خوبين سان گڏ ٽي ايم شرط به پورو ڪري ورتو آهي، يعني هو هاڻي انگلينڊ لاءِ کيڏڻ جو اهل ٿي ويو آهي. پاڪستان طرفان هڪ ون ڊي ۽ هڪ ٽيسٽ ميچ کيڏندڙ 31 سالن جو ظفر گوهر هاڻي برطانوي شهريت حاصل ڪرڻ کانپوءِ انگلستان ٽيم ۾ جڳهه بنائڻ جو خواهشمند آهي. هن 2025 ۾ گلوسٽر شائر کان مڊل سيڪس جو رخ ڪيو، جتي هو مسلسل بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي. جيتوڻيڪ هن سيزن ۾ سندس وڪيٽون ڪجهه گهٽ رهيون آهن پر بيٽنگ ۾ 164 رنسون (بشمول 83 رنسن جي هڪ اهم اننگز) سندس آل رائونڊر صلاحيتن کي ظاهر ڪن ٿيون. ظفر گوهر جو چوڻ آهي ته انگلينڊ ۾ اسپن بالنگ آسان ناهي، پر محنت ۽ درست حڪمت عملي سان ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي. هو لارڊز جهڙي ميدان تي به اثرائتي بالنگ ڪرڻ تي فخر محسوس ڪري ٿو جتي عام طور تي اسپنرن کي گهٽ مدد ملندي آهي. هن پنهنجي ڪيريئر ۾ پاڪستان پاران محدود موقعا ملڻ تي مايوسي جو اظهار به ڪيو. هن موجب ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي باوجود کيس نظرانداز ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هن انگلينڊ ۾ پنهنجي ڪيريئر کي اڳتي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو.