ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي) ميرپور ماٿيلو ويجهو هٿيارن جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام، هٿيار اسمگلنگ ڪندڙ ڪي پي پوليس جو سب انسپيڪٽر مقابلي ۾ مارجي ويو، ٻه ساٿي گرفتار ڪيا ويا آهن
پوليس موجب ٻيلو ميرپور ٿاڻي جي ڊرنگ چاچڙ موٽروي تي پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلي دوران ھڪ ڄڻو مختيار مارجي ويو، قاسم علي ۽ جنت گل کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي
پوليس موجب ڳجهو اطلاع مليو ته اوٻاوڙو کان ڪار اچي رهي آهي، جنهن ۾ ڏوهاري موجود آهن، اهڙي اطلاع تي ڪارروائي دوران ڊرنگ چاچڙ ڀرسان لوڪيشن 468 موٽروي تي پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلي ٿي پيو
گرفتار ٿيل ٻنهي جوابدارن جو تعلق مردان سان ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ته مارجي ويل مختيار ڪي پي پوليس جو سب انسپيڪٽر ڄاڻايو پيو وڃي، گرفتار ٿيل جوابدار جنت گل جو چوڻ آهي ته هُو فرنٽيئر ڪور باجوڙ جو رٽائرڊ لانس نائيڪ آهي
مارجي ويل ۽ پڪڙيل ڏوهاري هٿيارن جي اسمگلنگ ڪندڙ گروهه جا ڪارندا هئا، گرفتار جوابدار موجب ان کان اڳ سکر، شڪارپور، ڪشمور ۾ هٿيارن جي سپلاءِ ڪري چڪا آهن ۽ اڄ گهوٽڪي موٽروي تي عبيد نالي شخص کي هٿيارن جي اسمگلنگ دوران مقابلو ٿي پيو
ايس ايس پي سنگهار ملڪ جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ مختيار جي نالي سان ٿي آهي، سندس ٻه ساٿي قاسم علي ۽ جنت گل گرفتار ڪيا ويا آهن جڏهن ته پوليس ڪارروائي ڪندي وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ ڪيا آهن
ڊي ايس پي رائونتي مصطفيٰ ميراڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ميرپور ماٿيلو ڀرسان پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل مختيار علي جي ڪي پي پوليس کاتي ۾ سب انسپيڪٽر ھجڻ جي تصديق ٿي آھي، 5 ڪلاشنڪوف، 4 پسٽل ۽ هڪ رپيٽر هٿ ڪيو ويو آهي