ماٿيلو ويجھو مال بردار ٽرين  سان حادثو

جُولاءِ 4, 2025

ميرپورماٿيلو(پنهنجي ڊيسڪ ) ماٿيلو ويجھو مال بردار ٽرين جو حادثو، اپ ۽ ڊائون ٽريڪ بند ٿي ويو آهي، ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مال بردار ٽرين جا گاڏا پٽڙيءَ تان لهڻ سبب ريلوي جي اپ ۽ ڊائون ٽريڪ کي بند ٿي ويو آهي.

 ريلوي عملدارن موجب،حادثي دوران انجن ۽ پنج بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون، جنهن سبب ٽريڪ اکيڙي پيو ۽ بوگيون انجن کان جدا ٿي ويون آهن .

جڏهن ته اپ ۽ ڊائون ٽريڪ بند ٿيڻ سبب مسافر ٽرينون مختلف اسٽيشنن تي روڪيون ويون آهن. ريلوي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته روهڙي مان رليف ٽرين موڪلي وئي آهي، جيڪا حادثي واري جاءِ تي پهچي بوگيون هٽائيندي. جنهن ٽريڪ بحال ڪيو ويندو

لاڳاپيل پوسٽون

  • رستم واسي نوجوان جو ڪراچي جي ايڌي سينٽر مان لاش هٿ

  • اداڪارا حميرا اصغر جو پوسٽ مارٽم، فليٽ جي به مسواڙ نه ڏنل هئي

  • لاڙڪاڻي جي ايڌي پينگهي ۾ حوا جي ڌيءَ جي آمد

  • اڇڙي ٿر واسي اغوا، زنجيرن ۾ قيد واري وڊيو وائرل، هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب