ميرپورماٿيلو(ن پ و) ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي ايس ايڇ او جو پوليس اھلڪار مٿان مبينا تشدد، اھلڪار کي دل جو دورو، پوليس اسپتال ۾ ڦٽو ڪري وئي
ان حوالي سان متاثر پوليس اهلڪار جي ڀاءُ الزام هنيو آهي ته ايس ايڇ او قابل ڀيو پوليس اھلڪار طالب سيال کي آفيس ۾ گھرائي حراسان ۽ تشدد ڪيو آھي
سندس چوڻ هو ته ڀاءُ 48 ڪلاڪ ڊيوٽي ڪئي گھر پھچڻ تي ايس ايڇ او کيس ٻيھر گھرائي، آفيس اندر تشدد ڪيو ڀاء کي ڪجھه ٿيو ته ايس ايڇ او ذميور ھوندو
پوليس اھلڪار تي ايس ايڇ او جو مبينا تشدد واقعي جو ايس ايس پي نوٽيس ورتو، ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو اسپتال پھتو
پوليس اھلڪار طالب سيال ڊي ايس پي کي روئيندي ٻڌايو ته ايس ايڇ او قابل ڀيو آفيس اندر مارڪٽ ڪئي آھي ھو غريب پوليس اھلڪار آھي