ماٿيلي ڀرسان ڪوٽڏيجي واسي ڊرائيور اغوا، 2 ڪروڙ ڀنگ طلب

مَي 16, 2025

ميرپورماٿيلو (ن پ ا) خيرپور واسي ڊرائيور مبينا اغوا، خبر موجب ڪوٽڏجي جي ڳوٺ قائم چانڊيو سان تعلق رکندڙ ڊرائيور عبدالرحمان چانڊيو کي گهوٽڪي مان مبينا طور اغوا ڪيو ويو آهي، مغوي پاران پنهنجي وارثن کي واٽس ايپ ذريعي پيغام موڪليو ويو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته کيس گهوٽڪي مان اغوا ڪيو ويو آهي ۽ اغوا ڪندڙ سندس آزادي لاءِ 2 ڪروڙ رپيا ڀنگ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جو والد غريب ڊرائيور آهي، جيڪو ڪار پنجاب پهچائڻ لاءِ نڪتو هو، رستي مان اغوا ٿي ويو آهي، اسان وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي ته 2 ڪروڙ رپيا ڪٿان آڻينداسين، هن مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻين جي پڪي ضمانت منظور

  • بينظير هائوسنگ سيل ملازم برطرفي، عدالت پاران ڪاوڙ

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل