سڪرنڊ(رپورٽر)ماڙي جلباڻي واقعي جي جاچ لاءِ نگران وڏي وزير پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي فائرنگ ۾ مارجي ويل ڳوٺاڻن جي وارثن ۽ شاهدن جا بيان قلمبند ڪري ورتا
ڪميٽي جي سربراهه ڪمشنر حيدرآباد خالد حيدر، ڊي آءِ جي پرويز احمد چانڊيو، ايس ايس پي آصف ٻگهيو ۽ ٻين ماڙي جلباڻي پهچي بيان قلمبند ڪيا
ڪمشنر حيدرآباد ماڙي جلباڻي ۾ فائرنگ دوران مارجي ويل ڳوٺاڻن جي وارثن سان تعزيت به ڪئي، ڪمشنر، ڊي آءِ جي ۽ ٻين چيو ته واقعي بابت ڪنهن به شهريءَ وٽ ڪا معلومات، شاهدي يا ڪو ثبوت آهي ته جاچ ڪميٽي آڏو پيش ڪري
جاچ ڪميٽي جي سربراهه چيو ته واقعي جي شفاف انداز ۾ جاچ ڪئي ويندي، جاچ مڪمل ڪرڻ بعد رپورٽ تيار ڪري نگران وڏي وزير کي پيش ڪئي ويندي