ماڙي جلباڻي واقعو ڳوٺاڻن جي مزاحمت ۽ رينجرز تي حملي سبب پيش آيو:حارث نواز

آڪٽوبر 4, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته ماڙي جلباڻي وارو واقعو ڳوٺاڻن جي مزاحمت ۽ رينجرز تي حملي سبب پيش آيو

ڪراچي ۾ ٽائيم نيوز سان  ڳالهائيندي نگران گهرو وزير چيو ته رينجرز ۾ ڪو به سنڌي پنجابي نه هوندو آهي، سنڌ رينجرز ۾ 80 سيڪڙو جوان سنڌ جا آهن

برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز جو چوڻ هو ته جاچ ڪميٽي جي رپورٽ ۾ خبر پئجي ويندي ته ڪنهن جو ڏوهه آهي، رپورٽ جي روشني ۾ وڌيڪ ڪارروائي ٿيندي

هن وڌيڪ  چيو ته ڪنهن به علائقي يا ڳوٺ ۾ سرچ جي صورت ۾ ڳوٺاڻن ۽ علائقي واسين کي سيڪيورٽي فورسز سان سهڪار ڪرڻ گهرجي

لاڳاپيل پوسٽون

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي