ماڙي جلباڻي ڪيس جو رڪارڊ طلب، رينجرز کي جواب لاءِ مهلت

نومبر 1, 2023

سنڌ هاءِ ڪورٽ سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ 4 ڄڻن جي قتل ۽ عورتن سميت 12 ماڻھن  کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس جي جڊيشل انڪوائري ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

عدالت ڪيس جو مڪمل رڪارڊ، جاچ آفيسر، مدعي ۽ مقتول جي وارثن کي طلب ڪري ورتو

عدالت پوليس کي ٻن هفتن ۾ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، رينجرز ۽ سنڌ حڪومت کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏني وئي

رينجرز جي وڪيل چيو ته حقيقت ۾ درخواست جو جواب سنڌ حڪومت کي جمع ڪرائڻو آھي، سنڌ حڪومت مقتولن جي وارثن ۽ زخمين کي معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي

رينجرز پراسيڪيوٽر موجب معاوضي جي رقم اڄ تقريب ۾ ادا ڪئي ويندي، جڏهن ته درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي

28 سيپٽمبر تي سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي مبينا فائرنگ ۾ 4 ڳوٺاڻا قتل ٿي ويا هئا

Leave A Comment