ماڙي جلباڻي ۾ ڳوٺاڻا ڪراس فائرنگ ۾ مارجي ويا: ڊي آءِ جي بينظير آباد

ڊسمبر 14, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد پرويز چانڊيو سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ڳالهائيندي چيو ته ماڙي جلباڻي واقعي دوران مارجي ويل ڳوٺاڻا بي گناهه هئا، ڳوٺاڻا ويچارا ڪراس فائرنگ ۾ مارجي ويا

ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد پرويز چانڊيو چيو ته اصل قاتلن جي ڳولا ڪري رهيا آهيون، ماڙي جلباڻي ۾ موجود هٿياربندن جا منهن ڍڪيل هئا، واقعي جي ذميوار جوابدارن کي جلد گرفتار ڪنداسين

Leave A Comment