| ماڻهن کي سکيا ڏئي ايران ۾ داخل ڪري ماڻهو مارايا پيا وڃن: ايراني صدر |
تهران (م ڊ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ايران ۾ احتجاج ۽ وڳوڙن ۾ اسرائيل ملوث آهي اسرائيل جو مقصد جنگ جو بدلو وٺڻ لاءِ ملڪ کي انتشار ۾ ڌڪڻ هو. ايراني ٽيليويزن تي ڳالهائيندي هن چيو ته اهي ماڻهو ملڪ اندر ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ تربيت وٺڻ بعد احتجاج ڪري رهيا آهن ڪجهه دهشتگرد ٻاهرين ملڪن مان ملڪ ۾ آندا ويا، مسجدن کي باهه ڏني وئي ۽ مارڪيٽون ساڙيون ويون. ايراني صدر دعويٰ ڪئي ته ڪجهه ماڻهو جيڪي عوام مان نه آهن ۽ هن ملڪ سان تعلق نٿا رکن انهن احتجاج ڪندڙ ماڻهن کي رائفلن ۽ مشين گنن سان قتل ڪيو. انهن ڪجهه جا سر قلم ڪيا، ٻين کي باهه ڏني. آمريڪا ۽ اسرائيل انهن فسادين کي چئي رهيا آهن ته اڳتي وڌو، اسان توهان سان گڏ آهيون. مسعود پزشڪيان عوام کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجن پاڙن ۾ نڪري انتشار کي روڪين. ايراني صدر جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو انهن قتلن جي منصوبابندي ڪري رهيا آهن، اهو ڪجهه ناهي جيڪو برداشت ڪري سگهجي. ٻئي طرف ايراني سيڪورٽي عملدارن جو چوڻ آهي ته رهنمائي ڪيل ۽ تربيت يافته ماڻهو ماڻهن تي گوليون هلائي رهيا آهن ۽ گهرن ۽ ملڪيت کي نقصان پهچائي رهيا آهن. قومي سيڪيورٽي فورسز جي سربراهه احمد رضا ۽ ميڊيڪل سسٽم آرگنائيزيشن جي سربراهه محمد رئيسه ايراني ٽيليويزن تي ساڳيون ڳالهيون ڪيون.