ماڻهن کي عزت ڏيو، جيستائين آهيان، فيصلا نه مٽبا: پيرپاڳارو

ماڻهن کي عزت ڏيو، جيستائين آهيان، فيصلا نه مٽبا: پيرپاڳارو

ٺڪراٺو (رپورٽ: ممتاز علي مھر) حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري روحاني سفر جي سلسلي ۾ ٺڪراٺو ڀرسان دعوت ٻيڙو فقير ڳوٺ سڄڻ مڱريو پھچي وڏي تعداد ۾ پھتل مريدن ۽ عقيدتمندن کي ديدار ڪرايو، ان موقعي تي پيرپاڳاري خطاب ڪندي چيو ته دھشتگردي سان حڪمران نه پر فوج منھن ڏئي رھي آھي، زراعت پنجن، ڇھن سالن کان پوئتي آھي، جنس جو مناسب  اگهه نه پيو ملي، ان لاءِ چوپايو مال ڌاريو، پير پاڳاري  چيو ته ڪوشش ڪري پنھنجي نياڻين تي توجهه ڏيو ۽ کين تعليم ڏياريو، هن چيو ته آئون پنھنجي نياڻي جماعت ۾ ساڻ وٺي ويندو آھيان ڇو ته جماعت مون ڏانھن ٻچا وٺي اچي ٿي، جماعت جا ٻچا منھنجا ٻچا آھن، خليفن کي چوان ٿو ته ماڻھن کي عزت ڏيو ۽ انصاف ڏيو، ڪافي شڪايتون مليون تڏھن مون درگاھ ۽ جماعت جي ڀلائي لاءِ ڪجھه قدم کنيا، جيتري تائين آھيان منھنجا ڪيل فيصلا نه مٽبا، پير پاڳاري وڌيڪ چيو ته جيڪو خليفو درگاھ جماعت ۽ ان جي اصولن تي نٿو ھلي اھو اسان مان ناھي.