| ماڻهن کي گهرن تائين رهڻ لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو پيو وڃي: خورشيد جوڻيجو |
ميروخان (ن پ ا) پ پ ايم اين اي خورشيد جوڻيجو پنهنجي چونڊ تڪ ميروخان پهچي مختلف پارٽي ڪارڪنن سان تعزيتون ۽ پارٽي جي ضلعي صدر حاجي قمر الدين گوپانگ، ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين لياقت علي ابڙو سميت پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون، ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو مختلف هنڌن تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسرائيل – ايران جنگ سبب پاڪستان ۾ حالات ٺيڪ ناهن هن چيو ته ملڪ ۾ معاشي بحران وڌيو آهي، تيل جي اگهن ۾ واڌ سبب مهانگائي ۾ به پڻ واڌ ٿي وئي آهي جيڪا ڳڻتي جهڙي ڳالھه آھي، خورشيد جوڻيجو جو وڌيڪ چوڻ هو ته وفاقي سرڪار سمارٽ لاڪ ڊائون ۾ سرڪاري آفيسن جو ٽائيم محدود ڪرڻ سان گڏ اجائي سفر کان به پاسو ڪرڻ جو شيڊول ٺاهيو آهي، سمارٽ لاڪ ڊائون جو مقصد عوام جون سرگرميون گهٽائي گهرن تائين محدود ڪرڻ هوندو، هن چيو ته سنڌ سرڪار ڪڻڪ في مڻ اگهھ 35 سئو رپيا مقرر ڪيو آهي جلد ڪڻڪ خريداري شروع ٿيندي، هڪ سوال تي خورشيد جوڻيجو چيو ته سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت هوندي ڪوبه نئون صوبو نه ٺهندو، ان موقعي تي پ پ سٽي صدر ڊاڪٽر راجا خان تونيو ، منور علي منگي، اميد علي تونيو ،عمران تونيو، علي دوست بروهي، عرفان ابڙو، عبدالجبار سومرو ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ ۽ڪارڪن موجود هيا.