ماڻهو عبادتگاهن ۾ به محفوظ ناهن: ملاله يوسفزئي

ماڻهو عبادتگاهن ۾ به محفوظ ناهن: ملاله يوسفزئي

لنڊن (م د) نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي اسلام آباد جي مسجد ۾ دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ملاله يوسفزئي حملي ۾ شهيد ٿي ويل جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ ملاله چيو ته اها خطرناڪ ڳالهه آهي ته ماڻهو هاڻ عبادتگاهن ۾ به محفوظ نه آهن. هن عبادت ڪندڙ ۽ شهرين تي حملي کي خوفناڪ ۽ بزدلاڻو قدم قرار ڏنو ۽ چيو ته اهو حملو انسانيت اسان جي ايمان ۽ روايتن جي خلاف آهي. انهي سان سموري قوم متاثر ٿي آهي. دعا ڪريان ٿي ته اسان جي ملڪ ۾ امن قائم ٿئي.