جڏهن حڪومت چوي ٿي تہ مهانگائي گهٽ ٿي آهي تہ پوء ماڻهو غريب ڇو ٿي رهيا آهن؟
معاشي انگن اکرن ۽ عوامي زندگي وچ ۾ تضاد جو اهو راز گذريل ڪجهه مهينن کان سرڪاري بيانن ۽ معاشي رپورٽن ۾ بار بار ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي تہ ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي. اقتصادي ماهر به انگن اکرن جو حوالو ڏيندي چون ٿا ته ناڻي واڌ (افراطِ زر) جي شرح هاڻي اڳ جي ڀيٽ ۾ واضح طور گهٽجي وئي آهي. پر ساڳئي وقت عام ماڻهو، خاص ڪري وچولو طبقو ۽ پورهيت اهو محسوس ڪري رهيو آهي تہ زندگي اڳ کان وڌيڪ ڏکي ٿي وئي آهي. اتي سوال پيدا ٿو ٿئي تہ جيڪڏهن مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي تہ پوءِ غربت ڇو وڌي رهي آهي؟ ماڻهو مالي طور بهتر ٿيڻ بدران وڌيڪ پريشان ڇو آهي؟ هن تضاد کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان پهرين مهانگائي جي مفهوم کي صحيح طرح سمجهڻ ضروري آهي.
مهانگائي گهٽ ٿيڻ جو مطلب ڇا آهي؟
عام خيال اهو آهي تہ مهانگائي گهٽ ٿيڻ سان شيون سستيون ٿي وڃن ٿيون پر معاشيات ۾ ائين ناهي. مهانگائي دراصل قيمتن جي وڌڻ جي رفتار جو نالو آهي، نہ ڪي قيمتن جي گهٽ ٿيڻ جو. جيڪڏهن ڪنهن سال مهانگائي 30 سيڪڙو هجي تہ قيمتون تيزي سان وڌنديون آهن. ايندڙ سال جيڪڏهن مهانگائي 6 سيڪڙو ٿي وڃي تہ قيمتون تڏهن بہ وڌنديون، پر ان جي رفتار آهستي ٿي ويندي، يعني مهانگائي گهٽ ٿيڻ باوجود قيمتون واپس پراڻي سطح تي ناهن اينديون.
گذريل سالن ۾ پاڪستان سميت ڪيترن ملڪن ۾ خوراڪ، ٻارڻ ۽ توانائي جون قيمتون تيزي سان وڌيون. هاڻي واڌ جي رفتار گهٽ ٿي آهي پر قيمتون اڃان بہ ماضي جي ڀيٽ ۾ تمام مٿي آهن. ان ڪري سرڪاري انگن اکرن ۽ عوامي احساس ۾ فرق پيدا ٿيو آهي.
خريداري جي قوت:
اصل مسئلو معاشي حقيقت صرف قيمتن سان نہ، پر آمدني ۽ خرچ جي تعلق سان طئي ٿيندي آهي. ڪنهن بہ سماج ۾ خوشحالي جو اصل معيار “خريداري جي طاقت” تي هوندو آهي ۽ خريداري جي قوت ان ڳالهه تي دارومدار رکي ٿي تہ ماڻهو پنهنجي آمدني سان ڪيتريون ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو. گذريل سالن ۾ مسئلو اهو ٿيو تہ قيمتون تمام تيزي سان وڌيون پر پگهارون ۽ آمدني ساڳي رفتار سان نہ وڌي. نتيجي طور وچولو طبقو، جيڪو اڳ بچت ڪري سگهندو هو، سو هاڻي بنيادي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. جڏهن آمدني کان وڌيڪ خرچ ٿيڻ لڳي تہ ماڻهو معاشي طور هيٺ لهي ٿو، ڀلي سندس پگهار ڪاغذن ۾ وڌي ڇو نہ هجي.
مهانگائي جو دير سان اثر:
معاشيات ۾ هڪ اهم حقيقت آهي، جنهن کي “دير سان اثر” چيو ويندو آهي. جڏهن مهانگائي اوچتو وڌي ٿي تہ ان جا اثر جلدي ختم ناهن ٿيندا. مهانگائي جي ڪري ماڻهن جي بچت ختم ٿي وڃي ٿي، ننڍا ڪاروبار ڪمزور ٿين ٿا، قرض وڌي وڃن ٿا ۽ روزگار غير محفوظ ٿي وڃي ٿو. پوءِ جڏهن مهانگائي گهٽجي ٿي، تہ معيشت جي انگن اکرن ۾ بهتري نظر اچي ٿي پر ماڻهن جي مالي حالت اڳ ۾ ئي ڪمزور ٿي چڪي هوندي آهي. يعني بيماري ختم ٿيڻ بعد بہ جسم کي صحتياب ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آهي.
وچولي طبقي جو بحران:
موجوده دؤر جي سڀ کان اهم سماجي تبديلي وچولي طبقي جو سوڙهو ٿيڻ آهي. وچولو طبقو ڪنهن بہ سماج جي مضبوطي جو بنياد هوندو آهي، ڇو تہ اهو تعليم، شعور ۽ معاشي سرگرمي جو مرڪز هوندو آهي پر جڏهن بجلي ۽ گيس جا بل مسلسل وڌن، تعليم ۽ صحت خانگي شعبي ۾ مهانگي ٿئي، ڪرائي ۽ ٽرانسپورٽ جا خرچ وڌن تہ سڀ کان وڌيڪ دٻاءُ وچولي طبقي تي پوي ٿو. غريب اڳ ئي محدود وسيلن سان زندگي گذاري رهيو هوندو آهي، جڏهن تہ امير طبقو مهانگائي جو اثر آساني سان برداشت ڪري سگهي ٿو پر اهو وچولو طبقو هوندو آهي، جيڪو آهستي آهستي غربت ڏانهن ڌڪجي ٿو.
توانائي پاليسين جو اثر:
توانائي جي قيمتن ۾ واڌ جو اثر صرف بلن تائين محدود نٿو رهي. جڏهن بجلي ۽ گيس مهانگي ٿئي ٿي تہ ڪارخانن جي پيداوار مهانگي ٿي وڃي ٿي، ٽرانسپورٽ جا خرچ وڌي وڃن ٿا ۽ آخرڪار هر شيءِ جي قيمت وڌي وڃي ٿي. ان ڪري مهانگائي جي شرح گهٽ ٿيڻ باوجود روزمره زندگي سستي محسوس نٿي ٿئي.
انگن اکرن جي معيشت ۽ ماڻهن جي معيشت:
هتي هڪ اهم فرق پيدا ٿئي ٿو: “انگن اکرن جي معيشت” ۽ “ماڻهن جي معيشت”. اقتصادي رپورٽن ۾: مهانگائي گهٽ ٿيڻ سان ڪرنسي مضبوط ٿئي ٿي ۽ ناڻي جو گهوٽالو ڪنٽرول ۾ رهي ٿو. پر ماڻهن جي زندگي ۾
بچت ختم ٿي وڃي ٿي، انهن تي قرض وڌي وڃي ٿو. سندن زندگي جو معيار گهٽجي وڃي ٿو. هي فرق ان وقت پيدا ٿيندو آهي، جڏهن معاشي مضبوطي جون پاليسيون عوامي بهتري کان اڳ لاڳو ڪيون وڃن.
ڇا معيشت بهتر ٿي رهي آهي؟
اقتصادي رپورٽن جي لحاظ سان ڏسجي تہ ملڪ ڊيفالٽ جي خطري کان ڪنهن حد تائين ٻاهر نڪتو آهي ۽ مالي نظم بهتر ٿيو آهي. پر سماجي لحاظ سان عوامي زندگي اڃان بہ دٻاءُ هيٺ آهي. اهڙي صورتحال کي ڪجهه ماهر “خوشحالي کانسواءِ مضبوطي” چون ٿا. يعني معيشت بچي وڃي ٿي پر عام ماڻهوءَ کي فوري فائدو نٿو ملي./ڏسو صفحو 5 بقايا 01
اڳتي جو سوال:
اصل سوال هاڻي اهو ناهي تہ مهانگائي گهٽ ٿئي ٿي يا وڌي ٿي پر اصل سوال اهو آهي تہ ڇا ماڻهن جي حقيقي آمدني وڌي رهي آهي؟ ڇا روزگار پائيدار ٿي رهيو آهي؟ ڇا وچولو طبقو ٻيهر مضبوط ٿي رهيو آهي؟ جيڪڏهن جواب `نہ ` ۾ آهي تہ پوءِ انگن اکرن جي بهتري باوجود سماجي بيچيني وڌندي رهندي.
مهانگائي جي رفتار گهٽ ٿيڻ اقتصادي مضبوطي جي نشاني تہ ٿي سگهي ٿي پر اها پاڻمرادو عوامي خوشحالي جي ضمانت ناهي. جڏهن قيمتون اڳ ئي تمام مٿي هجن ۽ آمدني ان رفتار سان نہ وڌي، تڏهن
غربت وڌندي آهي ۽ وچولو طبقو ڪمزور ٿيندو آهي. ان ڪري موجوده دور جو سڀ کان وڏو معاشي تضاد اهو آهي ته انگن اکرن موجب بحران گهٽجي رهيو آهي، پر عام ماڻهوءَ جي زندگي ۾ بحران اڃان ختم نہ ٿيو آهي. شايد ان ڪري اڄ جو عام شهري هڪ ئي وقت ٻن حقيقتن کي محسوس ڪري رهيو آهي؛ هڪ طرف معيشت مضبوط ٿي رهي آهي پر ٻئي طرف زندگي وڌيڪ مهانگي ٿي رهي آهي.