ماڻهو ناراض آهن، ڪي پي ۾ عمران جي پاليسي هلندي: سهيل آفريدي

سوات (م ڊ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته بند ڪمرن ۾ فيصلا ڪندڙ خيبر پختونخواهه ۾ تجربا ڪري رهيا آهن. سوات ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته بند ڪمرن ۾ فيصلو ڪندڙ پنهنجي پاليسين تي نظر ثاني ڪن. خيبر پختونخواهه ۾ ماڻهو پنهنجي پاليسين جي ڪري ناراض ٿي رهيا آهن، هاڻي خيبر پختونخواهه ۾ عمران خان جي پاليسي تي عمل ڪيو ويندو. ٻئي طرف اطلاعات واري وزير شفيع جان جو چوڻ آهي ته شهيد سڀني جا آهن، مولانا فضل الرحمان جو بيان هن طرح نه اچڻ گهرجي ها، بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو. هڪ بيان تي مولانا صاحب کي غدار قرار نٿا ڏئي سگهو، هاڻي هن ڳالهه کي بند ڪري اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ اهو ڏسڻ گهرجي ته واقعن جو هي رخ ڪيئن آيو؟ هن چيو ته حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج دهشتگردي آهي بلوچستان جو 80 سيڪڙو حصو نو گو ايريا بڻجي چڪو آهي، بلوچستان ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت نه پر پيپلز پارٽي جي آهي، اتي پاليسي واضح ڇو ناهي؟ شفيع جان چيو ته 5 آگسٽ تي عمران خان جي گرفتاري کي 3 سال مڪمل ٿي رهيا آهن، هڪ قيدي جا اهڙا حق آهن جيڪي باني چيئرمين کي نه ڏنا پيا وڃن.