| ماڻهو چوندا هئا محمود خان اپوزيشن ليڊر نٿو ٿي سگهي: سينيٽر |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽر مشال يوسفزئي چيو آهي ته محمود خان اچڪزئي جي اپوزيشن ليڊر طور تي نامزدگي خوش آئنده آهي، هاڻي سينيٽ ۾ پڻ اپوزيشن ليڊر جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مون کي هڪ وزير چيو هو ته محمود خان اچڪزئي اپوزيشن ليڊر نٿو ٿي سگهي، پر اِن جو اڄ نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ سهيل آفريدي کي وزير اعلي سان گڏ اسٽريٽ موبائلزيشن جو ڪم به حوالي ڪيو آهي جيڪو اُن لاءِ مشڪل آهي.