ماڻهو کنڀڻ خلاف برطانوي وزيراعظم جي گهر ٻاهران مظاهرو، مطالبا پيش

ماڻهو کنڀڻ خلاف برطانوي وزيراعظم جي گهر ٻاهران مظاهرو، مطالبا پيش

لنڊن (م ڊ) برطانوي وزيراعظم جي رهائشگاهه 10 ڊائوننگ اسٽريٽ، ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. برطانيا جي مختلف شهرن مان وڏي انگ ۾ سنڌي، بلوچ، پشتون، ڪشميري، سرائيڪي، گلگتي ۽ بلتستاني پهتا. احتجاج کان اڳ وفد پاران برطانوي وزيراعظم جي رهائشگاهه 10 ڊائوننگ اسٽريٽ تي هڪ يادداشت نامو جمع ڪرايو ويو. احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا پاڪستان ۾ مبينا طور جبري طور گم ڪيل سياسي ڪارڪنن ۽ عام شهرين جي آزادي ۽ بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو. مظاهرين مطالبو ڪيو ته جبري گمشدگين جو سلسلو فوري طور ختم ڪيو وڃي ۽ گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪري انهن جي خاندانن حوالي ڪيو وڃي. سھيل ابڙو، منصور احمد حب، سارنگ حيدر عرف سارنگ سنڌي، سجاد راجا، جاسِم بلوچ، محمد اسامه سومرو، منصور جان، ٽي. احمد، ٽڪا خان طاهر، ڪامران جتوئي، صنم راشد، ڪنيز فاطمه، سائين منظور، شفيق الياس، ايم. اخرياز، ۽ ٻين احتجاج ۾ شرڪت ڪري برطانوي وزيراعظم کي اپيل ڪئي ته هو جبري گمشدگين جو شڪار بڻايل ماڻهن جي آزادي ۽ بازيابي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي اصولن مطابق عملي قدم کڻي.