| ماڻهو ڪاوڙيل آهي يا ڊنل چال سڀ ظاهر ڪري ٿي! |
لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) جيڪڏهن توهان ڪنهن شخص جي جذباتي حالت ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ان جي ڄاڻ توهان کي سندس چال مان پئجي سگهي ٿي. اها دلچسپ دعويٰ هڪ نئين مطالعي ۾ سامهون آئي آهي، جنهن مطابق توهان ڪنهن شخص جي اندروني حالت جو اندازو صرف ان جي چهري کي ڏسي نه ٿا لڳائي سگهو، پر ان جي هلڻ جي انداز مان به گهڻو ڪجهه معلوم ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي انهن جي هٿن ۽ پيرن کي حرڪت ڏيڻ جي طريقي مان به خبر پئجي سگهي ٿي. جاپان جي ايڊوانسڊ ٽيليڪميونيڪيشن ريسرچ انسٽيٽيوٽ انٽرنيشنل جي هڪ مطالعي مان ظاهر ٿيو ته سڄو جسم هلڻ يا گهمڻ دوران سرگرم هوندو آهي اهو ئي سبب آهي ته انهن جي هلڻ جي طريقي کي جذباتي حالت جو اندازو لڳائڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن مطالعي دوران محققن رضاڪارن کي ماڻهن جي جذبات جو اندازو لڳائڻ لاءِ چيو ته انهن کي وڊيو ڪلپس ڏيکاري. مطالعي مان معلوم ٿيو ته جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجا هٿ گهڻو هلائيندو آهي ته ان جو مطلب آهي ته هو ڪاوڙيل آهي. هو گهٽ يا آهستي هلي ٿو ته اهو خوف يا اداسي جي نشاندهي ڪري ٿو. مطالعي لاءِ محققن اداڪارن کي نوڪري تي رکيو ۽ انهن کي انهن واقعن کي ياد ڪرڻ لاءِ چيو جن دوران انهن ڪاوڙ، خوشي، خوف يا اداسي جو تجربو ڪيو ۽ انهن کي ياد ڪندي هڪ خاص فاصلي تائين هلندا رهيا. انهن ماڻهن کي ٽريڪر لڳايا ويا هئا جن هنن جي هلڻ جي طريقي ۽ اشارن کي نوٽ ڪيو. مطالعي جا نتيجا رائل سوسائٽي اوپن سائنس جرنل ۾ شايع ٿيا آهن.