مبارڪپور واسي نوجوان ڪراچي ۾ پراسرار نموني فوت، قتل جو شڪ

مبارڪپور واسي نوجوان ڪراچي ۾ پراسرار نموني فوت، قتل جو شڪ

مبارڪپور(رپورٽ: عبداللطيف مستوئي) مبارڪپور واسي نوجوان ڪراچي ۾ پراسرار نموني فوت، وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر، ڳوٺ پھلوان مستوئي واسي جيڪب آباد جي صحافي جان محمد مستوئي جو نوجوان سئوٽ  عبدالمجيد مستوئي ڪراچي ۾ پراسرار نموني فوت ٿي ويو. جڏهن فوتي جو لاش گهر پهچايو ويو ته وارثن موجب سندس جسم مٿان تشدد جا واضح نشان موجود هئا، جنهن سبب فوتگي بابت سنگين شڪ پيدا ٿي ويو،وارثن جو چوڻ آهي ته عبدالمجيد روزگار جي سلسلي ۾ ڪراچي ۾ رهائش پذير هو جيڪو موچڪو ٿاڻي جي حد جامعه فاروقيه مدرسه جي ڪينٽين ۾ ڪم ڪندو هو جتان اوچتو سندس فوت ٿيڻ جي وارثن کي اطلاع مليو،وارثن پاران لاش ڏسڻ بعد قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي. وارثن مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.