مبينا مقابلو: نادر جماليءَ کي پوليس ‘پلاند’ ۾ قتل ڪيو آهي؟…. امداد سومرو

                 دادو پوليس پاران نوجوان واپاري نادر جمالي جي مبينا ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ مارجي وڃڻ تي سنجيده سوال اڀري سامهون آيا آهن. پوليس جي ڪارروائي ۽ دعوا کي مقامي حلقا، وارث ۽ سماجي ڌريون غلط بي بنياد ۽ نئين مقرر ٿيل آءِ جي لاءِ ٽيسٽ ڪيس ۽ “سڌو سنئون ڪوڙو مقابلو” ۽ عدالتن کان مٿانهين ڪارروائي قرار ڏين پيون. مقامي ذريعن موجب، پوليس پاران نادر جمالي کي قتل ڪرڻ جو عمل رڳو هڪ مبينا پوليس مقابلو نه، پر پوليس جي پلاند ۽ انتقام جو نتيجو هو، جنهن سماج کي اهو پيغام ڏنو آهي ته قانون ۽ عدالتن بدران طاقت جو استعمال ئي واحد رستو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته نادر جمالي هڪ ڏينهن اڳ پوليس اهلڪارن تي حملو ڪيو، جنهن ۾ هڪ اي ايس آءِ سميت ٻه اهلڪار زخمي ٿيا. پر سوال اهو آهي ته جنهن واقعي ۾ پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، اهو معاملو ڇا آهي ۽ پوليس نادر جمالي کي ڪهڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ لاءِ وئي هئي؟ جيڪڏهن نادر جماليءَ تي پوليس مٿان حملي جو الزام هو، ته  ڇا دادوءَ ۾ عدالتون موجود ناهن؟ دادوءَ ۾ جهنگ جو قانون آهي، جتي “جيڪو ڏاڍو، سو گابو” جو اصول آهي ۽ پوليس کي هر صورت ۾ پنهنجو ڏاڍ، دٻدٻو ۽ طاقت ڏيکارڻي هئي. هن واقعي سنڌ ۾ پوليس جي ڪارگردگي تي ڪيترائي سوال اٿاريا آهن ته پوليس هڪ قانون لاڳو ڪندڙ ادارو آهي يا هڪ قبائلي فورس آهي، جنهن جو قانون انصاف سان ڪو به تعلق ناهي ۽ نه هو انصاف جي ادارن ۾ يقين رکندڙ آهي. بس آهي ته هڪ قبائلي ۽ جهيڙيندڙ ڌر، جيڪا ڏاڍ ۽ داٻو برقرار رکڻ لاءِ هر هنڌ تائين وڃي سگهي ٿي، هڪ انسان جي قتل تائين به… هتي هڪ اهم سوال اهو پئدا ٿئي ٿو ته پوليس کي اختيار آهي ته هو ملزم کي عدالت بدران گولين جو نشانو بڻائي؟

دستياب معلومات موجب، نادر جمالي دادو شهر جي ايريگيشن ڪالوني ۾ هڪ بنگلي ۾ رهائش پذير هو، جيڪو سرڪاري طور قبضي (encroachment) هيٺ ڄاڻايو وڃي ٿو. ذريعن موجب دادو ۾ مقرر هڪ جوڊيشل آفيسر ان ئي بنگلي تي رهائش جو خواهشمند هو ۽ ان طرفان پوليس کي بنگلو خالي ڪرائڻ لاءِ چيو ويو هئو ۽ دادو پوليس بنا ڪنهن قانوني نوٽيس يا عدالتي حڪم جي، نادر جمالي جي گهر ۾ زبردستي داخل ٿي. پوليس جي زبردستي داخلا دوران نادر جمالي ۽ پوليس پارٽي وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿيا. زخمين ۾ هڪ اي ايس آءِ به شامل هو. ذريعن موجب، ان واقعي کانپوءِ نادر جمالي پاڻمرادو پوليس آڏو پيش ٿيو ۽ هو قانون کي منهن ڏيڻ ۽ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي لاءِ رضامند هئو پر وارثن ۽ مقامي ذريعن مطابق دادو پوليس پيش ٿيل نادر جمالي کي گرفتار ڪرڻ بعد گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ قتل جو مقصد زخمي ٿيل اهلڪارن جو پلاند وٺڻ ۽ ڏاڍ، دٻدٻو ۽ دهشت قائم ڪرڻ هو. ان واقعي کي بعد ۾ مقابلي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

هن واقعي ڪيترن ئي بنيادي سوالن کي جنم ڏنو آهي. جيڪڏهن پوليس پاڻ کي جج، منصف ۽ جلاد بڻائي، ته پوءِ عدالتن جو ڪردار ڇا رهجي ٿو وڃي؟ ڇا پوليس اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جو مطلب سڌو سنئون موت جي سزا آهي؟ ۽ اهڙيون ڪارروايون عوام کي اهو پيغام نه ٿيون ڏين ته قانون جو دروازو نه کڙڪايو، پلاند وٺو؟ قبيلائي جهيڙا ختم نه ڪريو ۽ عدالتن جي بدران قبائلي بنيان تي پلاند ڪريو!

نادر جمالي جي وارثن، وڪيلن ۽ شهري حلقن جو مطالبو آهي ته واقعي جي شفاف، غيرجانبدار عدالتي انڪوائري ڪرائي وڃي، ملوث پوليس اهلڪارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، پوليس مقابلي جي دعويٰ بابت فارينزڪ، پوسٽ مارٽم ۽ سي سي ٽي وي ثبوت عوام آڏو آندا وڃن ۽ هن رپورٽ جي فائنل ٿيڻ تائين، دادوءَ جي ايس ايس پي، ۽ اهم عهديدارن کي معطل ڪري عهدن تان هٽايو وڃي ته جيئن هو جاچ جي عمل تي اثرانداز نه ٿي سگهن. هي سِٽون لکجڻ تائين آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو، ان جي ترجمان، هوم منسٽر ۽ ان جي ترجمان، ايس ايس پي دادو پاران هن واقعي ۽ وارثن، سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جي الزامن تي ڪو تفصيلي ردعمل سامهون نه آيو آهي.