مبينا مقابلي ۾ زخمي اهلڪار زيب جتوئي ڪيسز ۾ معطل به ٿي چڪو

مبينا مقابلي ۾ زخمي اهلڪار زيب جتوئي ڪيسز ۾ معطل به ٿي چڪو

لاڙڪاڻو: پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل علي گل ڪلھوڙي وارو معاملو،  مبينا مقابلي ۾ زخمي اهلڪار زيب جتوئي جي حوالي سان اهم انڪشاف سامهون اچي ويا، ذريعن موجب اهلڪار زيب جتوئي گذريل وقت ۾ اسپيشل برانچ جي رپورٽ موجب منشيات ڪيس ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي، زيب جتوئي جون هٿ ڪڙيون لڳل تصويرون به سامھون اچي ويون آهن، زخمي اهلڪار ڪيترائي ڀيرا معطل به رهي چڪو آهي، زيب جتوئي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام امدادي رقم جي تقسيم دوران عورت سان بدسلوڪي ڪري چماٽ به هنئي هئي.

بابا چئي ويو هو ڪپڙا وٺي ايندس پر سندس لاش مليو: معصوم ٻارڙا

قمبر:  مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل علي گل ڪلهوڙو جي پٽ زبير ڪلهوڙو، ڌيءُ ليلا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بابا شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تي ويو هو،  هن سارين جي ٻار کنئي هئي، کيس ڏيڍ لک رپيا به ساڻ هيا، هو ڏوهاري نه پورهيت هيو ، بابا اسان کي چئي ويو ته ورسي تان واپسي تي توهان لاءِ لاڙڪاڻي مان گرم ڪپڙا سوئيٽر،بوٽ وٺي ايندس، اسان انتظار پئي ڪيو ته کيس مارجڻ جي خبر پئي هنن چيو ته اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي.

پوليس اهلڪار وحشياڻو عمل  ڪيو آهي، کيس قتل جي اجازت ناهي: ايس ايس پي لاڙڪاڻو
 

لاڙڪاڻو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته علي گل ڪلهوڙو مٿان لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ ۽ شڪارپور جي مختلف ٿاڻن تي 11 کان 12 ڪيس داخل آهن، جڏهن ته شڪارپور ۾ هو ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جو مُک جوابدار آهي، جنهن وٽان جي ٿري هٿ آئي هئي ۽ عدالت ان کي اشتهاري قرار ڏنو آهي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هو ڏوهاري هو. هن چيو ته قتل ته ٿيو آهي ڇاڪاڻ زندگي زندگي آهي، پوليس اهلڪار جيڪو عمل ڪيو آهي اهو وحشياڻو عمل آهي، ان کي ڪنهن جي به جان وٺڻ جي اجازت نه هئي. هن چيو ته پوليس اهلڪار خلاف جيڪي شاهد آهن انهن جي انتظار ۾ آهيون ته هو اچي بيان قلمبند ڪرائن جيڪي نه پيا اچن، خبر ناهي ته هو ايندا ته ڪهڙو بيان ڏيندا؟.
 

پوليس مان مطمئن ناهيان، قتل الزام ۾ ڀاءُ لاڪ اپ آهي:زيب جتوئي 
 

لاڙڪاڻو: مبينا مقابلي ۾  زخمي ٿيل اهلڪار زيب جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان 27 ڊسمبر جي ڊيوٽي ڪري واپس لاڙڪاڻي اچي رهياهئاسين ته نئون ديرو روڊ سان هنڊاشوروم واري علائقي ۾ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 کان 5 ڄڻا بيٺا هئا جيڪي هڪ شهري کان ڦر ڪري رهيا هئا، جن پوليس کي وردي ۾ ڏسي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن ۾ هڪ گولي مون کي ٻانهن ۽ ٻي گولي ڄنڳهه ۾ لڳي، بعد ۾ ڏوهاري پنهنجي ساٿي جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيو، جنهن کي پنهنجا ساٿي کڻي روانا ٿي ويا جنهن کان پوءِ اسان ون فاءِ تي اطلاع ڏنو ان دوران ٻي فورس به اچي رهي هئي ان ۾ منهنجو ڀاءُ به موجود هو، ڏوهاري فائرنگ شروع ڪئي ته ايتري ۾ هجوم گڏ ٿيو جن ڀاءُ کي تعيش ۾ آندو ته ڏوهارين مون کي 8 گوليون هنيون آهن، جيڪو شهيد ٿي چڪو آهي ان دوران ڏوهاري ڀاءُ مٿان فائرنگ جي ڪوشش ڪئي پر منهنجي ڀاءُ به فائرنگ ڪئي. باقي سوشل ميڊيا تي غلط افواهون ڦهلايون پيون وڃن،اسان پوليس مان مايوس آهيون، مان پوليس مان مطمئن ناهيان، چوٿون ڏينهن آهي منهنجو ڀاءُ لاڪپ ۾ آهي ۽ پوليس مون کي نااميد ڪيو آهي. منهنجي ڀاءُ جي خلاف غلط ڳالهيون ڦهلايون ويون آهن.
 

وائرل ٿيل وڊيو جو آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو
 

لاڙڪاڻو: مبينا پوليس مقابلي ۾ مبينا جوابدار علي گل ڪلهوڙو کي مارڻ واري واقعي جو آءِ جي سنڌ پوليس نوٽيس ورتو، علي گل ڪلهوڙو کي سرعام گوليون هڻي مارڻ واري واقعي جي جاچ جو حڪم، ڪاميٽي قائم، جاري ڪيل ليٽر ۾ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ذوالفقار لاڙڪ ڪاميٽي جو سربراهه جڏهن ته ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن، پوليس اهلڪار طرفان وائرل ٿيل وڊيو واري واقعي جي جاچ ڪري ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ جمع ڪرائي واقعي جون حقيقتون معلوم ڪرڻ سان گڏ پنهنجي حتمي راءِ سفارشن جي صورت ۾ رپورٽ ڏني وڃي. ياد رهي ته 7 ڏينهن اڳ حيدري ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو ڏيکاري علي گل ڪلهوڙو کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي ٽائيم نيوز سڀ کان پهرين پوليس اهلڪار عرض محمد جتوئي طرفان علي گل ڪلهوڙو کي گوليون هڻي مارڻ واري وڊيو جي خبر بريڪ ڪئي وئي هئي.