| متاثر خاندانن سان گڏ آهيون: ايران، فرانس ۽ برطانيا |
ڪراچي (م ڊ) ايران، فرانس ۽ برطانيه گل پلازا ۾ باهه لڳڻ تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ايراني سفير رضا اميري مقدم چيو ته ڪراچي سانحي ۾ گهٽ ۾ گهٽ چوڏهن پاڪستاني ڀائرن ۽ ڀينرن پنهنجون قيمتي جانيون وڃائي ڇڏيون. منهنجا دلي خيال ۽ دعائون انهن خاندانن سان آهن جن هن دل ڏاريندڙ سانحي ۾ پنهنجن پيارن کي وڃايو، مان سڀني زخمين جي محفوظ ۽ جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيان. فرانسيسي سفارتخاني پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فرانس ڪراچي ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي ۾ ڪيترين ئي قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿو. اسان سوڳوار خاندانن سان پنهنجي دلي تعزيت پيش ڪريون ٿا ۽ ڏک جي هن گهڙي ۾ پاڪستاني عوام سان گڏ آهيون. پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ايڪس تي لکيو ته مان ڪراچي جي گل پلازا ۾ باهه جي افسوسناڪ واقعي تي ڏکويل آهيان. منهنجا خيال انهن سان آهن جن پنهنجن پيارن کي وڃائي ڇڏيو.