ماحولياتي گدلاڻ جو سبب بڻجندڙ روايتي ۽ آلودگي پکيڙيندڙ توانائي جي ذريعن مثال طور: تيل، گئس ۽ ڪوئلي کان ھٽي ڪري دنيا ھاڻي رنيوايبل يا متبادل توانائي ڏانهن مضبوطي سان اڳتي وڌي رھي آھي. متبادل توانائي ڏانهن منتقل ٿيڻ جو ھڪ اھم ڪارڻ ڌرتي کي آلودگي کان پاڪ ڪرڻ ۽ توانائي جا ٻيا ذريعا استعمال ڪرڻ آھي. متبادل توانائي ۾ سج کان حاصل ٿيندڙ توانائي يعني سولر انرجي، ھوا ۽ پاڻي مان تيار ٿيندڙ توانائي، بايو ماس يعني حياتياتي مادن مان تيار ٿيندڙ ۽ جيو ٿرمل جي ذريعي توانائي جا وسيلا حاصل ڪرڻ شامل آهن. بنيادي طور تي فاسل فيوئل يعني ڊيزل، پيٽرول ۽ ڪوئلي مان تيار ٿيندڙ توانائي جي استعمال ڪرڻ سان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي خارج ٿيڻ جي ڪري ڌرتي جو گرمي پد وڌڻ سان گڏ ڄاڻايل وسيلن جا ذخيرا پڻ گھٽجي رھيا آھن. متبادل توانائي ڏانهن وک وڌائڻ سان ھڪڙي پاسي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو ھوا ۾ مقدار گھٽجي ويندو، جنهن سان ڌرتيءَ جي فضا ۾ گرميءَ کي ڦاسائي ڇڏيندڙ ۽ ان کي خلا ڏانھن واپس وڃڻ نه ڏيندڙ گيسون گھٽ ٿينديون. انهن گيسن جي وڌڻ جي نتيجي ۾ ڌرتيءَ جو گرمي پد وڌي ٿو ۽ عالمي گرمي يا موسمي تبديلي جو خطرو پڻ پيدا ٿئي ٿو۔
متبادل توانائي سان سلهاڙيل عالمي ماحولياتي تنظيمن انٽرنيشنل رنيوايبل انرجي ايجنسي، عالمي ماحولياتي اڳڪٿين واري تنظيم ورلڊ ميٽرولوجيڪل آرگنائيزيشن ۽ ڪارپنيڪس ڪلائميٽ چئينج سروس جي تازي ھڪ گڏيل پڌرنامي موجب وقت گذرڻ سان متبادل توانائي ڏانهن وڌندڙ رجحان ۽ ساڳي طرح اسان جي ضرورتن کي ذھن ۾ رکندي متبادل توانائي جي طلب ۽ رسد کي وڌيڪ موثر بڻائڻ واريون حڪمت عمليون ھاڻي بھتر نتيجا ڏئي رهيون آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته کڻي سولر پاور ھجي، ونڊ ھجي يا ھائڊوپاور جنريشن ھجي پر اھا حقيقت آھي ته موسم سڌي طرح سان توانائي جي رسد ۽ طلب تي اثرانداز ٿئي ٿي. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي، توانائي کي بھتر بنائڻ وارن منصوبن تي عمل ڪرڻ سان بجلي وڌيڪ پيداوار ۽ وڌيڪ کپت واري وقت جو ڪاٿو لڳائڻ ۽ مستقبل ۾ ماحولياتي بھتري ۾ مدد ملندي آهي.
موسمن جي لاھن چاڙھن جي بنياد تي ملندڙ ڄاڻ يا پيشنگوئي بابت بروقت معلومات، ضرورت آھر بجلي جي پيداوار بابت جامع منصوبابندي گھربل انتظامن جي حوالي سان ڪارآمد ٿي سگهي ٿي. اھڙي اڳواٽ ڄاڻ واسطيدار اسٽيڪ ھولڊرز کي رسد ۽ طلب ۾ لاھن چاڙھن بابت اڳواٽ بندوبست ڪرڻ ، گرڊ اسٽيشن جي ڪارڪردگي کي بھتر بنائڻ لاءِ ان قسم جي منصوبابندي سان شديد موسمي حالتن ۾ به توانائي جي گھربل رسد جي وقتائتي تياري ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
ماحولياتي تبديلي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ھاڃا وڏي تباهيءَ جو سبب بڻجندا آهن. تازو اٺاويهين نومبر تي سريلنڪا جي اوڀر سامونڊي ڪناري تي طوفاني برساتن جي نتيجي ۾ شديد ٻوڏ اچي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ سون جي تعداد ۾ جانين جو نقصان ٿيو. ساڳي طرح تيز برساتن انڊونيشيا ۾ پڻ وڏي تباهيءَ مچائي ڇڏي. برطانيا جي مشھور اخبار روزاني گارجين سريلنڪا جي حڪومت جوئي حوالو ڏيندي لکيو آهي ته تقريبن چار لک کان مٿي جا خاندان متاثر ٿيا آهن. برساتن سبب متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ ، کاڌي پيتي جي شين جي اڻاٺ ۽ صحت جا مسئلا سنگين ٿي ويا. سريلنڪا انھي صورتحال ۾ پنھنجي مالڪ ۾ ھنگامي حالتن جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ فوج ، نيوي ۽ ھوائي فوج جي مدد سان ھيلي ڪاپٽرن ۽ بحري جهازن سان متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي جو ڪم شروع ڪيو.
ساڳي اخبار موجب انڊونيشيا ۾ پڻ ٻوڏن جي نتيجي ۾ پڻ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. اتان جي سرڪار امدادي ڪاررواين ۾ رڪاوٽ، صحت ۽ صاف پاڻي جي کوٽ جھڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي.
اقوام متحده جي ماحولياتي اداري
UN Framework Convention on Climate Change (UNFCCC)
تحت ان جي ٽيھين ڪانفرنس برازيل ۾ اميزون ٻيلن جي ڀرسان آباد شھر بيليم ۾ ٿي گذري. ھن اداري پاران منعقد ٿيندڙ ڪانفرنسن کي ڪانفرنس آف دي پارٽيز يعني سي او پي ڪوٺيو ويندو آهي.
ٽوٽل ڳاڻيٽي جي حساب سان ھي ٽيھين سالياني ڪانفرنس ھئي، تنھن جي ڪري ان کي COP30جو نالو ڏنو ويو. واضح رهي ته انھي ڪانفرنس ۾ موسمياتي تبديلي سان منھن ڏيڻ وارن منصوبابندين، خطرناڪ گيسن جي اخراج کي گھٽ ڪرڻ، ٻيلن جي تحفظ، ڪمزور ملڪن جي مالي مدد متعلق ويچاريو ويندو آهي. ھن اداري جو بنياد 1994ع ۾ جرمني جي شھر بون ۾ پيو ۽ اتي ئي سندس ھيڊ آفيس آھي. ڄاڻايل ڪانفرنس ۾ تقريبن ٻه سؤ ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ حصو وٺندڙن ۾ سياسي ماڻھن کان علاوه، سائنسدان، وڏين فيڪٽرين جا مالڪ، سرمائيدار ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شامل ھئا. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته ترقي پذير ملڪن جي مدد ڪئي وڃي ته جيئن اهي انھن پئسن مان قدرتي آفتن جهڙوڪ ٻوڏن، سوڪھڙن، سمنڊ جو اڳتي وڌڻ ۽ زرخيز زمينن کي خراب ٿيڻ جھڙن معاملن کي منهن ڏئي سگهن. اجلاس ۾ جھنگلي جيوت سان گڏ توانائي، زراعت، صنعت ۽ ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ متبادل توانائي، وڌندڙ گرمي پد کي روڪڻ ، ڪارخانن مان نڪرندڙ ھاڃيڪار گيسن متعلق ڳالھين تي متفق راءِ جو اظهار ڪيو ويو. مگر فاسل فيوئل يعني تيل، گيس ۽ ڪوئلي جي استعمال کي گھٽ ڪرڻ بابت ڪوبه عالمي معاهدو عمل ۾ نه اچي سگهيو. ان جو مک ڪارڻ وڏن سرمائيدارن ۽ ڄاڻايل شعبن يعني فاسل فيوئل ۾ وڏي پيداوار حاصل ڪندڙ ملڪن جي ان ڏس ۾ ٿيندڙ مخالفت ھئي. عالمي تجزيا نگارن موجب ھي ڪانفرنس ڪي خاطر خواه نتيجا نه ڏئي سگهي، خاص طور تي فاسل فيوئل جي استعمال متعلق ڪو آخري فيصلو نه ڪرڻ ۽ ڄاڻايل گروپن کي ڪنهن حتمي فيصلي تي آمدہ نه ڪرڻ سان ماحولياتي بھتري لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن ۾ ڳڻتي جي لهر اچي وئي.
عالمي خابرو اداري روئيٽرز جي ايڊيٽر ٽيري سليوٍن ان ڏس ۾ لکيو آهي ته:
There was, however, some progress at COP30 on securing finance and rights for the world’s Indigenous peoples, who manage and protect some 80% of the Earth’s biodiversity but receive less than 1% of international climate funding.
( بھرحال، ھن ڪانفرنس ۾ دنيا جي مقامي ماڻهن جي مالي تحفظ ۽ سندن حقن جي حاصلات جي حوالي سان ڪجه اڳڀرائي ٿي آهي ، جيڪي تقريبن اسي سيڪڙو زمين جي بايوڊائيورسٽي جو تحفظ ڪندا آهن، ليڪن اھي بين الاقوامي موسمياتي فنڊنگ جا ھڪ سيڪڙي کان به گهٽ حاصل ڪندا آهن).
ماحولياتي تبديلين جا اثر سڄي دنيا تي پون ٿا. خاص طور تي ترقي پذير ملڪ وسيلن جي کوٽ، اڳواٽ آگاهي ڏيندڙ ذريعن جو محدود ھجڻ ۽ ٻين اھڙن کوڙ سببن جي ڪري انھن اثرن کان وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن. ٽيڪنالاجي جي ترقي جي ڪري ان ڏس ۾ ڪجه بھتري ضرور اچي رھي آھي، اھا بھتري سفر ڪندي ڪاڇي تائين به پھچي وئي آھي. سياري جي موسم ۾ ھاڻي ڪاڇي جا ھاري پنھنجن فصلن کي پاري کان بچائڻ لاءِ موسمي اپڊيٽ موبائل فونن ذريعي وٺندا رھندا آھن ۽ شديد موسم جي اڳڪٿي جي صورت ۾ اڳواٽ ئي پنهنجي بڪر جي پوک کي بچائڻ جا طريقا ڳوليندا آهن.