ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) متحده پاران بجلي جي ڳرن بلز خلاف احتجاج فسادن ۾ تبديل ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي
متحدا جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪراچي کي واپڊا جي ذميواري کان پري رکيو ويو آهي، واپاري احتجاج تي مجبور ٿي رهيا آهن، اسان به سندن احتجاج جي حمايت ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين
هن چيو ته سرڪيولر ڊيٽ جو دٻاءُ ڪي اليڪٽرڪ جي مالڪن نه، پر شهرين تي اچي رهيو آهي، عوام کي رليف ڏيڻ جا قدم کڻڻ نگران حڪومت جي ذميواري آهي
فاروق ستار چيو ته ماڻهو باغي ٿي رهيا آهن، ملڪ سول نافرماني ڏانهن وڃي پيو، اهو رجحان رهيو ته رياست اندر رياست قائم ٿيندي، واپاري برادري سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا