متحده جو ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد لاڏاڻو ڪري ويو

آگسٽ 18, 2023

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جو ڊپٽي ڪنوينر ۽ حيدرآباد جو اڳوڻو ضلعي ناظم ڪنور نويد جميل 59 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ـ ڪنور نويد جميل ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ سيشن ۾ شريڪ ھو، جتي سندس طبيعت خراب ٿي ھئي

ڪنور نويد کي آغا خان اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس برين ھيمريج  ٿيڻ ڪري وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو هو، ٻن مھينن تائين وينٽي ليٽر تي علاج ھيٺ رھڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو

ڪنور نويد جميل 15 مارچ 1964ع تي  جنم ورتو، ھن ايل ايل بي ڪئي،  پھريون ڀيرو 1990ع ۾ ايم اين اي ٿيو. بعد ۾ 2002 ع  ۾ پڻ ايم اين اي رھيو، 2005 ع ۾ حيدرآباد ضلعي جو ناظم رھيو

 2013ع ۾ ٽيهر ايم اين اي  ٿيو، 2018 ع ۾ وري ايم پي اي ٿيو،  کيس ايم ڪيو ايم پاران سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر مقرر ڪيو ويو ھو،  هن پونئرن ۾ ھڪ بيواھ ۽ 2 پٽ سوڳوار ڇڏيا، سندس جنازي نماز ۽ تدفين اڄ ڪراچي ۾ ٿيندي

 ٻئي طرف ڪنور نويد جميل جي لاڏاڻي تي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، سنڌ جي گورنر ۽ ٻين پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي

Leave A Comment