| متحده جيان جماعت اسلامي به لساني سياست تي لهي پئي: نواب تيمور |
ڪنري (ن پ ا) پپيلز پارٽي جي ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ھميشه لسانيت ۽ نفرت جي سياست ڪئي آھي، ھاڻ جماعت اسلامي به ساڻس گڏجي وئي آھي، ڪروڙن جي منشيات برآمد ٿي آھي ضلعي مان منشيات جي خاتمي آواز اٿاريندس. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ھڪ سوال جي جواب ۾ تيمور ٽالپر چيو ته محترمه شھيد راڻي بينظير ڀٽو جا ڪجهھ قاتل گرفتار ٿيا ۽ ڪجھ مارجي ويا هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏھن به عوام ۽ صوبي جي راءِ کان سواءِ ڪنھن جي حمايت ناهي ڪئي صوبي کي ٽوڙڻ نه ڏينداسين سنڌ ھڪ آھي ۽ ھڪ رھندي.