| متحده ختم: سنڌ جا معاملا وفاق حوالي ڪرڻ جي ڳالهه وفاقي ڍانچي خلاف سازش آهي: شرجيل |
ڪراچي: سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اڃا تائين عوامي مينڊيٽ بدران شارٽ ڪٽ واري سياست تي يقين رکي ٿي، سياسي دٻاءُ لاءِ وفاقي مداخلت جهڙن معاملن کي استعمال ڪرڻ ايم ڪيو ايم جي سياسي بليڪ ميلنگ جو ثبوت آهي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ظاهر ڪندي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم عوام جو اعتماد وڃائي چڪي آهي، هاڻي اها شارٽ ڪٽ جي ڳولا ۾ آهي. ايم ڪيو ايم کي ڪراچي جي ماڻهن جي وسيلن کي سياسي سوديبازي جو ذريعو نه بڻائڻ گهرجي، سنڌ جا معاملا وفاق حوالي ڪرڻ جي ڳالهه وفاقي ڍانچي خلاف مذمت جوڳي سازش آهي، سنڌ جي ماڻهن جو مينڊيٽ، 1973 جو آئين ۽ سنڌ ڪا ليبارٽري ناهن، جو ڪا پارٽي انهن تي حملا ڪري، ڊاڪٽر فاروق ستار کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جي ماڻهن پاڪستان پيپلز پارٽي کي واضح مينڊيٽ ڏنو آهي، هي مينڊيٽ ڪنهن به پريس ڪانفرنس، ڌمڪي يا سياسي بليڪ ميلنگ سان تبديل نٿو ٿي سگهي.ھن چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم اقتدار جو وڏو حصو چاهي ٿي ته ان جو رستو عوام جي ووٽ مان گذري ٿو، وفاقي مداخلت يا آئيني ادارن کي سياسي تڪرارن جي ور چاڙهڻ سان اقتدار ناھي ملندو، ايم ڪيو ايم کي ٻڌائڻ گهرجي ته وفاق ۾ حڪومت جو حصو هجڻ جي باوجود اها ڪراچي لاءِ پنهنجا واعدا ڇو پورا نه ڪري سگهي؟ پنهنجي ناڪامين جو الزام سنڌ حڪومت تي مڙهڻ بدران فاروق ستار کي پنهنجي وفاقي اتحادين کان سوال ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته سنڌ جي آئيني اختيارن، صوبائي خودمختياري ۽ ڪراچي جي عوام جي مينڊيٽ تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي. ھن چيو ته سياسي بليڪ ميلنگ يا عهدن جي ورڇ ذريعي ڪراچي جي ترقي ممڪن ناهي، سنڌ حڪومت پوري طاقت سان ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي ترقي، عوامي خدمت ۽ آئيني بالادستي جو سفر جاري رکندي.