متحده فنڪشنل ليگين خلاف ڪارروايون بند ڪري: سردار رحيم   

متحده فنڪشنل ليگين خلاف ڪارروايون بند ڪري: سردار رحيم   

  ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) فنڪشنل ليگ  سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار رحيم چيو آهي ته ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ انتقامي سياست عروج تي آهي، اسان جي پارٽي خلاف منظم ڪارروايون جاري آهن، ايم ڪيو ايم طرفان فنڪشنل ليگ جي آفيسن ۽ ڪارڪنن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هفتو اڳ سرجاني ٽائون ۾ پارٽي آفيس تي هٿياربندن حملو ڪيو، گذريل رات بلديا ٽائون ۾ آفيس کولڻ تي ڪارڪنن تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ اسان جا  10 ڪارڪن زخمي ٿيا. هن  چيو ته زخمين کي اسپتال مان گرفتار ڪري  مٿن ڪوڙيون  ايف آءِ آر داخل ڪيون  ويون آهن، جيڪا کليل ناانصافي آهي. اسان صورتحال کي سنڀالڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان رابطا به ڪيا انهي باوجود اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آھن. ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن ايم ڪيو ايم ۽  پ پ کي هڪ ئي سڪي جا2 پاسا قرار ڏيندي الزام هنيو ته ٻئي پارٽيون گڏجي ڪراچي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪري رهيون آهن. هن مطالبو ڪيو ته پارٽي آفيسن تي حملن ۾ ملوث جوابدارن خلاف ايف آءِ آرون داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي، هن خبردار ڪيو ته فنڪشنل ليگين خلاف ڪارروايون ڪندڙن کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا.