| متحده مرڪز ۾ جهيڙي جو 25 ڄڻن خلاف ڪيس داخل |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي عارضي مرڪز بهادرآباد تي ٿيل جهيڙي ۽ هوائي فائرنگ واري واقعي جو ڪيس نيو ٽائون ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. پوليس ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي، قتل جي ڪوشش، جهيڙي، سرڪاري حڪمن جي ڀڃڪڙي ۽ ملڪيت کي نقصان پهچائڻ سميت مختلف قلم شامل ڪيا آهن. ڪيس ۾ اظهر عرف لمبا، ذيشان حبيب سميت 25 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ نه ايم ڪيو ايم پاڪستان جو نالو، نه پارٽي جي عارضي مرڪز جو ذڪر ۽ نه ئي جهيڙي ۾ شامل ڪنهن به گروپ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر جي متن موجب، واقعي دوران فائرنگ ۽ جهيڙي سبب عامر، اسد ۽ ڪاشر علي زخمي ٿيا، جڏهن ته علائقي ۾ هراس پکڙجي ويو. متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدارن هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪرڻ سان گڏ هوائي فائرنگ پڻ ڪئي، جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان لاڳو ڪيل قلم 144 جي به ڀڃڪڙي ڪئي وئي. پوليس موجب زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو پر اهي اسپتال مان هليا ويا، جنهن سبب سندن بيان قلمبند نه ٿي سگهيا. واقعي جي وڌيڪ جاچ انويسٽيگيشن پوليس حوالي ڪئي وئي آهي.