| متحده ميمبر رياست خلاف پروپيگنڊا ۾ ملوث، ضمانت درخواست رد |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) فيس بوڪ تي رياست مخالف پروپيگنڊا هلائڻ واري الزام ۾ ملوث ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي رابطا ڪميٽي ميمبر محمد زاهد منصوري جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي ، سائبر ڪرائم جو چوڻ آهي ته جوابدار ايم ڪيو ايم پاڪستان ميڊيا نالي فيس بوڪ پيج هلائي رهيو هو، جوابدار کي گلستان جوهر ۾ ڪارروائي دوران گرفتار ڪيو ويو هو، جوابدار جنهن موبائل سان فيس بوڪ هلائي رهيو هو، اها موبائل به هٿ ڪئي وئي آهي.