متحده پاران سنڌ ورهائڻ جي ڌمڪي: نئين مڪاني قانون لاءِ مهم هلائڻ ۽ عدالت وڃڻ جو اعلان

متحده پاران سنڌ ورهائڻ جي ڌمڪي: نئين مڪاني قانون لاءِ مهم هلائڻ ۽ عدالت وڃڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) متحده جي سربراهه ڊاڪٽر خالد مقبول سنڌ ۾ نئين صوبي جي ڌمڪي ورجائيندي  بااختيار مڪاني قانون لاءِ مهم هلائڻ ۽ عدالت  ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته آئين جو آرٽيڪل 239 آبادي وڌڻ تي نوان ضلعن ۽ ڊويزنن سان گڏ نوان صوبا ٺاهڻ جو به چوي ٿو، صوبا ٺاهڻ جو اختيار آئين ۾ ڀٽو صاحب جي دور کان آهي، پيپلزپارٽي ڪنهن جي هٿن ۾ آهي جو نون صوبن جي مطالبي کي غداري چوي ٿي، ايوان ۾ هڪ جماعت کانسواءِ باقي سڀ اسان سان گڏ آهن، عوام کي آئين تحت پنهنجا حق ڏنا وڃن، هن چيو ته ڪراچي مان  17سالن جو قبضو هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، شهر جي ماسٽر پلان کي ڪرپشن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، ملڪ ۾ جاگيرداراڻي جمهوريت آهي، اهڙي جمهوريت جي ڪنهن کي به ضرورت ناهي، هن چيو ته عدالتون انصاف نه ڪنديون ته روڊن تي نڪري احتجاج ڪنداسين، ڪراچي ڪو ڦر جو مال ناهي، جيڪو سمجهو ٿا ته نه رهندو ته بک مري ويندئوم خالد مقبول آئين جي آرٽيڪل 140 بابت عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ۽ مڪاني کاتن جي اختيارن بابت قانونسازي لاءِ گورنر ٽسوري سان گڏجي رابطا مھم جو اعلان ڪندي چيو ته متحده پاڪستان کي پنهنجي ماءَ سمجھي ٿي، ھن چيو ته  ايم ڪيو ايم عوامي مسئلن تي عدالتن جو در کڙڪائيندي  رھي آھي، اسانکي خبر پئي آھي ته سنڌ حڪومت ماسٽر پلان جي نالي تي ڪرپشن جي سازش ڪري آهي، ايم ڪيو ايم پاران صحيح مھم شروع ڪئي ھئي جنهن ۾ 10 ڏينهن جو اضافو ڪيو ويو آهي ھن چيو ته پ پ جيڪڏهن ڀٽو جي ٺاھيل آئين تي نٿي ھلي ته پوءَ باقي ڪنهن جي چوڻ تي پئي ھلي ؟ اسان آئين تي عملدرآمد جي ڳالهه ڪريون تا ۽ آئين تي عمل نه ڪندڙ غداري ڪن ٿا،  هن چيو ته وفاقي سرڪار  جي ڪمپني  پي آءِ ڊي سي ايل ٺھڻ وقت به مخالفت ٿي پر جيڪو ترقي جو مخالف ھوندو، اھو رد ٿي ويندو،  ايم ڪيو ايم ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ترقي لاء 50 ارب رپين جا منصوبا آندا آھن،  ھن چيو ته ڇا پ پ پنجاب ۾ نون صوبن جي مخالفت ڪندي؟ صوبا انتظامي يونٽ آھن، ايم ڪيو ايم پاڪستان کي پنهنجي ماءُ سمجھي ٿي ۽ سنڌ انھي جو حصو آهي،  ايم ڪيو ايم ايوان ۾ آواز اٿارڻ سان گڏ  عدالتن ۾ ويندي ۽ ضرورت پئي ته روڊن تي به اينداسين۔  ھن چيو ته اسانکي مڃڻو پوندو ته ملڪ ۾ جاگيردارن واري جھموريت آھي. سنڌ کي 97 سيڪڙو ڪراچي ڏئي ٿي،  باقي 3سيڪڙو حيدرآباد ۽ ٻيا ڏين ٿا،  جيڪي علائقا ھڪ سيڪڙو به ٽيڪس نه ٿا ڏين، اھي ئي سو سيڪڙو فنڊ استعمال پيا ڪن ، هن چيو ته 17 سالن کان جعلي اڪثريت جي بنياد تي ڪراچي تي قبضو ڪندڙن مان جان ڇڏائڻي پوندي  ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته  سنڌ حڪومت جيڪو گريٽر ڪراچي پلان جيڪو جوڙيو آھي،  انھي تي عدالت پاران اسٽي ڏنو ويو آهي، عدالت سرڪار کي حلف ناما جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي، پريس ڪانفرنس ۾  گورنر  ڪامران ٽسوري چيو ته  ھي ڪراچي ۽  صوبي جو ڪيس آھي آئون صوبي جو گورنر پوءِ ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن پھرين آھيان، ھي اھا ايم ڪيو ايم آھي جيڪا ڪارڪنن کي گورنر، چيئرمين،  ايم اين اي ۽ ميئر بڻائي ٿي،  گورنر يا چيئرمين ٿيڻ وڏي ڳالهه ناھي پر ڪارڪن ٿي ڪري  وڏن عھدن تي اچڻ وڏي ڳالهه آھي، ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ مليل فنڊ ايم اين اي فنڊ ناھي ايم ڪيو ايم وڙھي اهو پيڪيج ورتو آھي ھي ترقياتي نه پر بنيادي ڪمن جو پڪيج آھي.