| متحده کي پنجاب ماڊل پسند آهي ته مطالبو ڪري: سعديه جاويد |
ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردِعمل ڏيندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي مڪاني نظام تي تنقيد ڪرڻ بدران انهي کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، سنڌ جو مڪاني نظام پاڪستان جو سڀ کان بااختيار ۽ آئيني طور مضبوط نظام آهي، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم پنجاب جي نظام کان متاثر آهي، جتي هن وقت ميئر جو ادارو ئي موجود ناهي، ته اهو پاسو به نظر ۾ رکڻ گهرجي، جيڪڏهن کين پنجاب وارو ماڊل پسند آهي ته اهي ان جي نفاذ جو مطالبو به ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته نواز ليگ کي پيپلزپارٽي سان ٿيل گورنر شپ واري معاهدي تي عمل ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته پيپلزپارٽي ئي ڪراچي جي اصل سياسي قوت آهي، جيڪا شهر لاءِ وڏا ترقياتي منصوبا آڻي رهي آهي، ھن چيو آهي ته شهري مسئلن جو حل صرف تنقيد سان نه، پر عملي قدمن سان ممڪن آهي.