متحده ۽ نواز ليگ کيرکنڊ: مصطفيٰ ڪمال شھباز جي حق ۾دستبردار: جي ڊي اي سان مامرا فائنل

جنوري 10, 2024

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) متحده ۽ نواز ليگ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي وئي، مصطفيٰ ڪمال شھباز شريف جي حق ۾ ھٿ کڻندو، جي ڊي اي سان به مامرا فائنل، ان حوالي سان ليگي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ ۾ پ پ مخالف اتحاد مضبوط بنائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم،  جي يو آٰءِ  نواز ليگ ۽ جي ڊي اي ھڪ پيج تي اچي ويا آھن، ڪراچي جي قومي تڪ  اين اي 242 تي نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڊيڊلاڪ ختم ٿي ويو آهي، هاڻ مصطفيٰ ڪمال شھباز شريف جي حق ۾ ھٿ کڻندو، جنهن جو اعلان خالد مقبول صديقي ۽ شھباز شريف پاران ڪيو ويندو، جڏهن ته متحده پاران مصطفيٰ ڪمال اين اي247 تي اليڪشن وڙھندو، نواز ليگ موجب  متحده  ڪراچي ۾ 5 قومي ۽ 11 صوبائي  ۽ جي ڊي اي  وري سنڌ جي باقي ضلعن ۾ 8 قومي ۽ 11 صوبائي سيٽن تي سان جي حمايت ڪندا.

Leave A Comment