Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_nmbhr41a8t5c3bi4onptga0oh6, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
محبت تخليقيت جو جوهر! ... ليکراج ميگھواڙ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar محبت تخليقيت جو جوهر! ... ليکراج ميگھواڙ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

محبت تخليقيت جو جوهر! … ليکراج ميگھواڙ

”محبت ھڪ مضبوط ۽ مثبت جذباتي ۽ ذهني ڪيفيتن سان واسطو رکي ٿي، جيڪي سڀ کان وڌيڪ فضيلت يا سٺي عادت، ھڪٻئي جي اونھائي واري شفقت ۽ سڀ کان سولي خوشي سان واڳيل آھن.“محبت جو لفظ ڪافي معنائون رکي ٿو. محبت ڪافي قسمن جي ٿي سگھي ٿي. محبت ڪنھن عام ماڻھو يا ڪنھن خاص ھستي سان يا رشتيدار سان ٿي سگھي ٿي. محبت عام به ٿي سگھي ٿي ۽ شديد به. شديد حالت ۾ جان ڏيڻ ۽ وٺڻ جي حد تائين ٿي سگھي ٿي.ول ڊيورنٽ لکي ٿو ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو معجزو هوندو ته عناصر جي هڪ ٻئي لاءِ ڪشش وڌيڪ محبت ۽ وفا جي شاعريءَ جي صورت اختيار ڪري. اسان کي ستيانا جا لفظ ٿا ياد اچن ته ”هر آدرش جو بنياد فطري هوندو آهي ۽ هر فطري بنياد جي آدرشي اوسر ٿيندي آهي. محبت کي پنهنجي معمولي شروعات لاءِ شرمسار نه ٿيڻ گهرجي ۽ اها خواهش حقارت جهڙي آهي جيڪا پنهنجي روحاني سپردگيءَ ۾ ڪمال تي نٿي پڄي. محبت جي فلاسافر افلاطون چيو هو ته ’جنهن کي محبت ناهي ڇهيو اهو اونداهيءَ ۾ ٿو ڀٽڪي‘، ليپ ليس پنهنجن دوستن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو جيڪي هن جي کوجنائن ۽ ڪتابن جي تعريف ڪري کيس آٿت ڏيڻ لڳا هئا. هن چيو زندگيءَ ۾ انهن جي ڪا اهميت ڪانهي. هنن پڇيو ته پوءِ ڪهڙي شيءِ اهم آهي. هن سائنسدان آخري ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪندي چيو ”محبت“.هر شيءِ فاني آهي رڳو محبت کي بقا حاصل آهي. محبت موت جي خال کي ولديت جي ذريعي اورانگهندي آهي. ناڪاميءَ جي ڪڙاڻ عارضي لڳندي آهي پر انسانيت جي نقطه نظر کان ان کي ڪيڏو نه دوام حاصل آهي. آخر ۾ محبت اسان جي هڪ حصي کي زوال کان بچائيندي آهي ۽ اسان جي زندگيءَ کي ٻار جي توانائي ۽ سندس زندگيءَ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيندي آهي.مرد جا عورت سان ۽ ماءُ پيءُ جا اولاد سان تعلقات، اهي ٻئي محبت جون بنيادي قوتون آهن جن جي چوڌاري زندگي گردش ٿي ڪري.
والدين جو اولاد سان پيار
ٻار جڏهن پيدا ٿيندو آهي ته پيءُ ماءُ ۾ محبت اُٿلي پوندي آهي پر هي ته محبت ان شعلي کان الڳ آهي جيڪو اڳ دل ۾ ڀڙڪيو هو. هن هڻَ وَٺُ جي زماني ۾ اهو شعلو ٽئين ٻار جي ڄمڻ تائين گهڻي ڀاڱي وسامي چڪو هوندو آهي. اها محبت جنهن وقتي طور ماءُ پيءُ کي هڪ ڪري ڇڏيو هو هاڻي ٻار جي حصي ۾ ايندي آهي ماءُ ٻار جي محبت ۾ مڙس کي نظرانداز ڪري ڇڏيندي آهي ۽ پيءَ ته جيڪڏهن ٻار ڇوڪري آهي ته اها ساري محبت جيڪا سندس زال لاءِ هئي هاڻي ان ٻار لاءِ هوندي آهي. پر آخرڪار اهي وقتي ڪششون گهٽجي وينديون آهن ۽ زال ۽ مڙس کي محبت وري هڪ ڪري ڇڏيندي آهي خوراڪ جي ڳولها ۾ مرد ويڙهاڪ ٿيو. حيوانن ۾ هو ڏندن ۽ چنبن سان ۽ انسان ۾ سرمائي جي رقابت سان ۽ قومن ۾ بري بحري فوجن جي مدد سان وڙهي ٿو. ڪپلنگ چيو هو ته مادي نر کان وڌيڪ ظالم هوندي آهي. شايد ته هن ڪو زخم کاڌو هو، (سئزڪينال جي اوڀر طرف) انڪري ان معاملي ۾ سندس نظر صاف نه هئي. عورت فطريءَ طرح امن ۽ تحفظ جي طالب هوندي آهي، جنگ جي نه. ڪن ساهوارن جي نسلن ۾ ته ماديءَ ۾ وڙهڻ جي جبلت ڪانه هوندي آهي. هوءَ جڏهن به وڙهندي آهي ته پنهنجن ٻچن لاءِ وڙهندي آهي، هن ۾ جيڪڏهن تيزي آهي ته اها هوءَ تڏهن ڪم آڻيندي آهي جڏهن نسل کي خطرو هوندو آهي، ٻي صورت ۾ هن کي جنگ نه وڻندي آهي ۽ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڏوهه به کانئس سندس جسماني خامين جي ڪري ٿيندو آهي. هن ۾ مرد کان وڌيڪ صبر آهي ۽ مرد جيتوڻيڪ زندگيءَ جي وڏن مسئلن ۾ وڏي جرائت کان ڪم وٺندو آهي. پر عورت ۾ ننڍيون ننڍيون مشڪلاتون ۽ مصيبتون سهڻ جي تمام وڏي قوت آهي. هوءَ بيماريءَ کي ائين وڏي خاموشيءَ سان برداشت ڪندي آهي ڄڻ هن کي ان مان ڪا وڏي لڪل خوشي پئي ملي. (شايد انڪري جو بيماريءَ ۾ کيس روزاني جي ڪم ڪار کان ڇوٽڪارو ملي ويندو آهي) پر مرد جنهن کي ماٺ ويهڻ نه ايندو آهي بيماريءَ ۾ پريشان ٿي ويندو آهي ۽ ساري دنيا کي پنهنجي بيماريءَ جو پيو ٻڌائيندو آهي.
مرد ۽ عورت جو تعلق
گورڪي ۽ چيخوف ڪراليميا ۾ گهمي رهيا هئا. گهمندي گهمندي هو سمنڊ ڪناري تي پهتا جتي ٽالسٽاءِ سوچ ۾ ڪنڌ جهڪايو ويٺو هو. هو هن جي ويجهو ويٺا ۽ عورتن جي باري ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳا. ٽالسٽاءِ چڱيءَ دير تائين ماٺ ڪري هنن جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو ۽ پوءِ چيائين: ”مان عورتن جي حقيقت تڏهن ٻڌائيندس جڏهن منهنجو هڪ پير قبر ۾ هوندو“. مان حقيقت ٻڌائي يڪدم ڪفن واري ڪاٺ جي پيٽي ۾ ٽپو ڏيئي ان جو ڍڪ بند ڪري ڇڏيندس ۽ وڏي واڪي چوندس: ”هاڻي جيڪو وڻيوَ سو ڪيو.“ جڏهن نواب ڪيسرلنگ پنهنجي ڪتاب ”شاديءَ جو ڪتاب“ جي باري ۾ برنارڊشا کي مضمون لکڻ لاءِ چيو ته هن انڪار ڪيو ۽ چيائين ته ”ڪوبه مرد جيستائين هن جي زال جيئري آهي سچ ڳالهائي نٿو سگهي“ جڏهن ڪو مرد عورتن جي باري ۾ ڪتاب لکندو آهي ته اهو سندس دل جي زخمن جو آواز هوندو آهي ۽ مرد عورت جي دل وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيندو آهي (جيڪڏهن شريف هوندو آهي) ته پنهنجي ڪاميابيءَ کي شاديءَ جي شڪل ڏيندو آهي. تنهن کانپوءِ هو سياڻپ واري ماٺ اختيار ڪندو آهي جو هڪ ئي وقت ٻه ماڻهو ڳالهائي نٿا سگهن ۽ جيڪڏهن عورت جي دل وٺڻ ۾ ناڪام ٿيندو آهي ته ڪتاب لکندو آهي. مخالف جنسن جي باري ۾ شوپن هار، نٽشي، ويننگر ۽ ٻين ناڪام مردن جيڪي ڪتاب لکيا آهن انهن کان وڌيڪ دلچسپ عورتن جو اهو تجزيو هوندو آهي جيڪو هو مردن جو ڪنديون آهن. ان جو سبب اهو آهي ته عورتون انساني فطرت کي مردن کان وڌيڪ سمجهنديون آهن ۽ مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ذهانت ۽ آزاديءَ سان خيالن جو اظهار ڪري سگهنديون آهن. هو ايتريون هوشيار هونديون آهن جو ادب جي ذريعي پنهنجون دل جون ڳالهيون ناهن کولينديون ۽ ان ڳالهه تي خوش ٿينديون آهن ته مرد انھن تي ڪتاب ٿا لکن.عورت ۾ حياءُ ان ڪري گهڻو هوندو آهي جو اُن سان پيدائش جا مقصد پورا ٿيندا آهن، حياءُ جي ڪري هوءَ اڳتي وک نه وڌائيندي آهي جنهن سان هن کي جنس لاءِ چونڊ ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي ۽ اهڙيءَ طرح سوچي سمجهي پنهنجي زندگي جي ساٿيءَ جي چونڊ ڪري سگهندي آهي. ڇاڪاڻ جو زندگيءَ جو اهو ساٿي اڳتي هلي هن جي ٻارن جو پيءُ ٿيندو آهي. عورت نسل ۽ اجتماع جو آواز هوندي آهي، جڏهن ته مرد، فرد جي مفاد جو آواز هوندو آهي، عورت جو جڏهن مقصد پورو ٿي ويندو آهي ۽ ماءُ جي صورت ۾ هوءَ پنهنجي تڪميل ڪندي آهي تڏهن سندس حياءَ گهٽجڻ شروع ٿيندو آهي .عورت جو محبت وارو جذبو مرد جي ڀيٽ ۾ شديد گهٽ هوندو آهي، پر ان ۾ وسعت ۽ گهرائي وڌيڪ هوندي آهي. محبت جو جذبو عورت جي زندگيءَ جي هر حصي ۾ داخل ٿيل هوندو آهي. هوءَ زندهه ئي تڏهن رهندي آهي جڏهن ساڻس محبت ڪئي وڃي. فرانس جي هڪ جج جڏهن هڪ عورت کي ڪنهن چور سان جنسي لاڳاپا رکڻ تي ننديو ته هن جواب ڏنو ته جڏهن مان محبت ۾ گرفتار نه هوندي آهيان، تڏهن زندگيءَ کان محروم ٿي ويندي آهيان.عورت گهڻو ڪري پنهنجي مڙس ۾ حسن نه پر قابليت ۽ طاقت ڏسندي آهي، جنهن مان کيس تحفظ ملندو آهي، مرد پنهنجي چونڊ ۾ حسن کي وڌيڪ اهميت ڏيندو آهي، انڪري نه، جو حسن مان کيس خوشي ملندي آهي پر انڪري جو حسن طاقت ۽ صحت جي علامت آهي، زندگيءَ جي ساٿيءَ جي چونڊڻ وقت عورت پنهنجي جمالياتي ذوق کي وساري ڇڏيندي آهي، ڇاڪاڻ جو هوءَ قبضو ڪرڻ نه پر پاڻ تي قبضو ڪرائڻ چاهيندي آهي. انڪري هوءَ فن کي تخليق ڪرڻ کان وڌيڪ فن لاءِ تحرڪ پيدا ڪندي آهي. شايد هن کي مرد ۾، مغرور ۽ کل جهڙي مرد ۾ اهو حسن نظر نه ايندو آهي. جيڪو کيس تخليق لاءِ تيار ڪري. هوءَ حسن جي تخليق ڇو ڪري، ڇاڪاڻ جو هوءَ پاڻ حسن آهي. جيئرو حسن، سڀ کان حسين فن ۽ ذهانت کان وڌيڪ تعريف لائق آهي. هوءَ فن جو سرچشمو ۽ ذهانت جو مقصد آهي. جيڪڏهن زندگي حسين هجي ها ته ان کي ذهانت جي ضرورت ئي ڪانه پوي ها پر جيڪڏهن ذهين هجي ها ته حسين بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ها.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *