| محبت جو انوکو انداز: حسن رحيم کان مداح ٺوڙهه تي آٽوگراف ورتو |
لاهور (شوبز نيوز) نامياري پاڪستاني ڳائڻَي حسن رحيم جي هڪ مداح آٽوگراف لاءِ هڪ انوکو طريقو اختيار ڪيو، جنهن سوشل ميڊيا تي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. عام طور تي مداح آٽوگراف بڪ، پوسٽر ياموبائل فون تي صحيح ڪرائي وٺندا آهن. پرهن ،جنوني مداح حسن رحيم کان پنهنجي ٺوڙهه تي آٽو گراف ورتو. اهو غير معمولي لمحو ڏسندي ئي ڏسندي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو، جت صارفن ان واقعي کي مزاحده، دلچسپ ۽ جنون قرا رڏنو. وڊيو ۽ تصوير ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته حسن رحيم خوشيءَ سان مداح جي فرمائش پوري ڪري ٿو جڏهن ته ڀرپاسي ۾ موجود ماڻهو به ان منظر مان ڪافي مزو وٺندينظر اچن ٿا. سوشل ميڊيا صارفن جو چون آهي ته هي واقعو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پنهنجي پسند جي فنڪار سان محبت جي ڪا حد ناهي هوندي.