محبت ديرو ۾ هڪئي رات چوري جون 2 وارداتون، شٽربند هڙٽال

سيپٽمبر 26, 2023

محبت ديرو (ن پ ا) محبت ديرو جتوئي ۾ هڪ ئي رات شهر ۾ 2 دڪانن جا تالا ٽوڙي چوڪيدار يرغمال بڻائي  هزارين رپين جي چوري

بدامني خلاف شٽربند هڙتال، ان ڏس ۾ رات جو  نامعلوم چور فاروق هيسباڻي ميڊيڪل اسٽور جا تالا ٽوڙي ۽ اوپو موبائل جا تالا ٽوڙي هزارين رپيا کڻي فرار ٿي ويا

 ٻي طرف  شهري ايڪشن ڪاميٽي پاران شٽر بند هڙتال ڪري ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي سليم ڏهراج، رانا عابد، فدا حسين،  عدنان راجپوت،  فاروق هيسباڻي،  غلام سرور سهتو، زين ڏهراج ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي

پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي، غيرمحفوظ بڻيل آهيون، نوٽيس وٺي امن قائم ڪرايو وڃي

Leave A Comment