محبت، جنهن کي شاعرَ جذبن جو اونهو سمنڊ، فلسفي روح جي طلب ۽ صوفي پاڪ هستيءَ ڏانهن سفر سڏيندا آهن، اهو حقيقي طور سائنس جي نظر ۾ ڪيميائي، حياتياتي ۽ نفسياتي اڳرائي ۽ تبديليءَ جو نالو آهي. ان ڪري محبت صرف دل جو احساس يا شاعريءَ جو موضوع نه، پر انساني جسم، دماغ ۽ سماجي زندگيءَ جو انتهائي منظم ۽ سائنسي عمل آهي، جنهن کي جديد تحقيق Love Science يا Neurobiology of Love جي نالي سان پڙهيو وڃي ٿو۔
اسان اُن اِتهاس کان واقف آهيون ته قديم زماني ۾ محبت کي روحاني ۽ غير مرئي طاقت سمجهيو ويندو هو، جڏهن ته جديد دور ۾ سائنس ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته محبت هڪ ترغيب، ڪيميائي ردِعمل ۽ نفسياتي محرڪ آهي۔ نيورو سائنٽسٽ Helen Fisher موجب محبت هڪ باقاعدي Survival Mechanism آهي، جيڪو انسان کي جوڙي چونڊڻ، نسل وڌائڻ ۽ سماجي ڳانڍاپا برقرار رکڻ لاءِ گهربل رهي ٿو. ان ڪري سائنس محبت کي عام طور ٽي مرحلن ۾ ورهائي ٿي.
1. توجهه يا ڇڪ/ ڪشش:
هن مرحلي دوران ماڻهو ڪنهن طرف متاثر ٿئي ٿو، هتي اهم ڪردار ادا ڪندڙ ڪيميائي مادا هي آهن:
* ڊوپامائين: خوشيءَ ۽ ڪنهن شيءِ جي ملڻ جو احساس
* نوريپائينڦرن: بيچيني، دل جي ڌڙڪن وڌائڻ
* سيروٽونن: خيال، وسواس ۽ جذباتي ڌيان
انهن ڪيميائي مادن جي حرڪت ۾ اچڻ سان ان خاص مرحلي ۾ انسان جي حالت جو بيان گهڻو ڪري شاعريءَ ۾ ملي ٿو. جيئن، پکي لاتيون لنون ٿا ـ سڀ گل خوشبودار ٿي ويا آهن ـ هر طرف تون ئي تون آهين ـ ڪجهه به لکجي ته محبوب جو نالو لکجي وڃي ٿو، وغيره.
2. رومانٽڪ لو يا جذباتي يا تعلق:
ان مرحلي دوران ئي انسان جو سامهون واري سان جذباتي ۽ ذهني تعلق جڙي وڃي ٿو. دماغ پيار کي ’ضرورت‘ سمجهڻ شروع ڪندو آهي. اهو شخص جنهن سان محبت ٿئي ٿي، اهو ذهني توجهه جو مرڪز بڻجي وڃي ٿو. مان اڪثر ڪري پنهنجي ڳوٺ جي شاعر استاد مسرور پنائيءَ کي پيو نقل ڪندو آهيان، جيڪو چوندو هو ته محبت ماڻهوءَ کي ڪمزور نه پر دلير ڪري ڇڏيندي آهي. ٻهراڙيءَ جون نازڪ نفيس نينگريون ڪهڙي طرح لوڙها ٽپي محبوبن تائين پهچن ٿيون، اهو ان جو مثال آهي. سائنس به ٻڌائي ٿي ته هن مرحلي ۾ Amygdala خوف گهٽائي ٿو. دماغ جو اهم حصو پري فرنٽل ڪارٽيڪس، جيڪو ذميدار سوچ جو مرڪز آهي، ڪمزور ٿيو وڃي. جنهن ڪري ڏٺو ويو آهي ته اڪثر ماڻهو غير منطقي فيصلا ڪندا آهن.
3. اٽيچمنٽ يا پائيدار تعلق:
هي مرحلو حقيقي طور شادي، دوستي ۽ دائمي محبت جو بنياد آهي۔ انهيءَ ئي مرحلي ۾ انساني دماغ ۾ ٻه ڪيميائي مادا اهم ڪردار ادا ڪن ٿا: هڪ آڪسيٽوسن، جيڪو گڏجڻ جو مسلسل پيغام پيو ڏيندو آهي. ٻيو، ويسوپريسن، جيڪو گهڻو ڪري، وفاداري، گڏجڻ ۽ ذميواري جو جذبو سڏجي ٿو. هن مرحلي ۾ محبت جو جذبو جذباتي شدت مان مستحڪم، پرسڪون ۽ اعتماد واري احساس ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو۔
هڪ ڀيري استاد مسرور پنائي ٻڌايو ته محبت ۾ فقط فائدو ئي فائدو آهي. اها ڳالهه سائنس به ٻڌائي ٿي. مثال طور: جيڪڏهن پاڻ محبت جا حياتياتي فائدا جاچيون ته تحقيق ثابت ڪري ٿي ته محبت انسان کي ڊپريشن کان بچائي ٿي، مدافعتي نظام مضبوط ڪري ٿي، دل جي بيمارين جو خطرو گهٽائي ٿي، زندگيءَ ۾ مقصد ۽ توانائي پيدا ڪري ٿي. اهي فقط حوال ناهن پر دنيا جي مڃيل يونيورسٽي هارورڊ جي هڪ مطالعي مطابق جيڪي ماڻهو باقاعده محبت ۾ هجن ٿا يا مثبت جذباتي تعلق رکن ٿا، اهي ٻين جي ڀيٽ ۾ 10 ورهين تائين وڌيڪ زنده رهي سگهن ٿا.
مان ڄاڻان ٿو ته هي مضمون پڙهندي منهنجو دوست حبيب رتڙ سوچيندو هوندو ته ائين ناهي ….. ته ها ائين به ناهي. محبت رڳو خوشين جو نه پر گَهِري تڪليف رنج و الم جو نالو پڻ آهي. ڇو جو اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اتي محبتون ٿوري وقت ۾ ئي تڪليف ۽ آزار جو سبب بڻجي وڃن ٿيون. سائنس به ان ڳالهه کي هن طرح بيان ڪري ٿي ته پيار صرف خوشين جو نالو نه پر هڪ قسم جو رسڪ ۾ مبتلا ڪندڙ رويو پڻ آهي. اهو ان ڪري جو جڏهن محبت غير متوازن ٿي وڃي ته دماغ ۾ منفي ڪيميائي تبديليون اچڻ شروع ٿي وينديون آهن. ڪارٽيسول جهڙو دٻاءَ وارو هارمون پيدا ٿيو پوي، جيڪو دماغي سور پيدا ڪريو ڇڏي ۽ ماڻهوءَ جي حالت نشئي جهڙي ٿيو پوي. جنهن کي پاڻ دل ٽٽڻ جي نالي سان ياد ڪريون ٿا. جنهن جي نتيجي ۾ انسان کي جسماني تڪليف محسوس ٿئي ٿي، جيڪا طبي طور Broken Heart Syndrome سڏجي ٿو.
بلڪل، اها محبت ئي آهي، جنهن تي ثقافت، معاشري ۽ خاندان جو اثر به گهڻو هوندو آهي۔ ڪجهه معاشرا جذباتي محبت کي اهميت ڏين ٿا، جڏهن ته ڪجهه معاشرا ذميواريءَ واري محبت (Commitment Love) کي وڌيڪ اهم سمجهن ٿا. سنڌي ادب ۾ محبت جو تصور رڳو ذاتي احساس نه بلڪه، فڪر، انقلاب، وفا ۽ وجود جي سچائي جو استعارو آهي۔ سنڌي سماج ۾ محبت جا روحاني پاسا پڻ آهن. مثالطور: صوفي سمجهندا آهن ته محبت حقيقي طور خالق تائين رسائي – نفس جي پاڪائي ۽ پاڻ سڃاڻن جو رستو آهي۔
چارلس ڊارون جي نظر ۾ انساني محبت جو مقصد رڳو جذباتي تسڪين نه پر نسل، جينيٽڪ جي مضبوطي ۽ سماجي تنظيم آهي۔ ٻيا جاندار مختصر تعلق سان نسل وڌائين ٿا، پر انسان Emotionally Bonded Pairing System جي ذريعي اولاد، خاندان ۽ سماج کي منظم ڪري ٿو۔ پوءِ اهي نسل باهمي تعاون سان وڌيڪ منظم ۽ ترقي يافته ٿين ٿا. ان ڪري ئي سائنس چوي ٿي ته محبت صرف بايولوجيڪل ضرورت نه پر سوشل ڪانٽريڪٽ پڻ آهي۔ ڌرتيءَ جون مختلف ثقافتون محبت کي مختلف انداز ۾ ڏسن ٿيون۔ ڪجهه سماجن ۾ محبت شادي کان پوءِ پيدا ٿيندي آهي، جڏهن ته ڪنهن ۾ شادي محبت جي بنياد تي ٿيندي آهي۔ سنڌي ثقافت ۾ محبت صرف ذاتي تعلق نه، پر هڪ ڪائناتي سچائي ۽ روحاني عمل آهي. اسان جي ڪلاسيڪل ادب ۾ سڀني سورمين جي محبت ۾ رڳو محبوب نه پر منزل، تڪميل ۽ وجود جو راز شامل آهي۔
هڪ ڀيرو وري جي محبت جو ڇيد ڪجي ته سائنس ان کي ڪيميائي ردِعمل سڏي ٿي. فلسفو، وجود جو بنياد مڃيندو آهي، جڏهن ته شاعر محبت کي هستيءَ جو تازو احساس قرار ڏيندا آهن۔ پر حقيقت ۾ محبت انهن سڀني جو ميلاپ آهي۔ محبت: دل جو احساس آهي – دماغ جو سائنسي نظام آهي – روح جو نروار سفر آهي – ۽ انسانيت جي بقا جو بنيادي اصول آهي ۽ آخر ۾ هي ڳالهه ته محبت نه فقط جسم ۾ پيدا ٿئي ٿي، نه صرف دماغ ۾؛ محبت هڪ اهڙو مڪمل تجربو آهي، جنهن ۾ دل، شعور، جبلت ۽ روح گڏجي ڪم ڪن ٿا۔ محبت انسانيت جو سڀ کان وڏو معجزو آهي. محبت اصل ۾ انسانيت تي احسان آهي، ٿورا آهن.. اهي ٿورا جن لاءِ استاد بخاريءَ چيو هو:
تنهنجا مون تي ٿورا ڪي ٿورا ته ناهن،
حياتي جي هوندي ته من لاهبا پيا.
جي طاقت ڏني رب لاهي به ڇڏبا،
جي لاهي نه سگهياسين ته ڳائبا پيا.
’بخاري‘ ڀرن جي ڪماڻن مان جيڪي،
ڀري تير ديدن جا دلبر هنيا سي،
ڪي جگر ۾ کپي ويا، ڪي دل ۾ چڀي ويا،
نشانيون ڪري ساهه سان سانڍبا پيا.
تنهنجا مون تي ٿورا ڪي ٿورا ته ناهن.