(اوين بينيٽ جونز بي بي سي لاءِ سٺ کان وڌيڪ ملڪن مان رپورٽنگ ڪئي آهي. هو Pakistan: Eye of the Storm جو ليکڪ آهي. هن صحافتي ايوارڊ حاصل ڪيا آهن ۽ فنانشل ٽائيمز، دي گارجين ۽ لنڊن ريويو آف بُڪس لاءِ لکندو رهيو آهي.).
27 ڊسمبر 2007 جي رات لڳ ڀڳ 1 وڳي بينظير ڀٽو کي ٻڌايو ويو ته ان ڏينهن ڪو ماڻهو کيس مارڻ جي ڪوشش ڪندو. اها خبرداري پاڪستان جي مکيه خفيه اداري، انٽر سروسز انٽيليجنس (ISI)، جي ڊائريڪٽر جنرل کان آئي هئي. دير جي باوجود، ليفٽيننٽ جنرل نديم تاج، جيڪو آرمي چيف کان پوءِ ملڪ جو ٻيو سڀ کان وڌيڪ طاقتور ماڻهو هو، پنهنجي ڄاڻ بابت ايترو يقين رکندڙ هو، جو پاڻ اسلام آباد ۾ بينظير جي گهر وڃي پيغام ڏنائين. جنرل تاج کيس ٻڌايو ته راولپنڊي ۾ ٿيندڙ چونڊ جلسي کان اڳ، جلسي دوران يا جلسي کانپوءِ خودڪش بمبار کيس نشانو بڻائيندا. بينظير کي شڪ ٿيو ته هو کيس جلسو رد ڪرائڻ لاءِ ڊيڄاري رهيو آهي، تنهن ڪري هن تاج کي چيو ته جيڪڏهن توکي خودڪش بمبارن جي خبر آهي ته کين گرفتار ڪر. تاج جواب ڏنو ته اهو ممڪن ناهي، ڇو ته ائين ڪرڻ سان سندس ذريعا ظاهر ٿي ويندا. بينظير زور ڀريندي چيو: “مون کي سيڪيورٽي مهيا ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. سيڪيورٽي وڌايو ۽ يقيني بڻايو ته مان مڪمل طور محفوظ هجان. رڳو مان نه، پر اتي موجود منهنجا ماڻهو به مڪمل طور محفوظ هجن.” تاج چيو ته هو پنهنجي پوري ڪوشش ڪندو.
جڏهن جنرل تاج ۽ بينظير ڳالهائي رهيا هئا، تڏهن سندس قاتل آخري تياريون ڪري رهيا هئا. طالبان جو هڪ هينڊلر، نصرالله، اڌ رات کان ٿوري دير پوءِ راولپنڊي پهتو، ساڻس ٻه پندرهن ورهين جا ڇوڪرا، بلال ۽ اڪرام الله، هئا. خودڪش بم ٺاهڻ واري مرڪز ۾ سکيل رسمن مطابق، ڇوڪرن کي غسل ڪرڻو هو ته جيئن “جنت” ۾ داخل ٿيڻ وقت پاڪ هجن. “شهادت” جي تياري دوران، ٻيا ٻه هينڊلر، جن جا نالا بعد ۾ مقدمي ۾ حسنين گل ۽ رفاقت حسين ٻڌايا ويا، راولپنڊي جي لياقت پارڪ ويا، جتي پاڪستان پيپلز پارٽي جو جلسو ٿيڻ وارو هو، ته جيئن پڪ ڪن ته ڪا شيءِ سندن منصوبي ۾ خلل ته نه وجهندي. پوليس اڳ ئي پارڪ جي ٽنهي دروازن تي ميٽل ڊٽيڪٽر لڳائي رهي هئي، پر ڇاڪاڻ تہ منصوبو اهو هو ته جلسي کان نڪرڻ وقت بينظير تي حملو ڪبو، تنهن ڪري اهو اهم نه هو. مطمئن ٿيڻ بعد، اهي ٻئي نوجوان واپس آيا ۽ بلال کي گولين سان ڀريل پستول ۽ اڪرام الله کي دستي بم ڏنو ويو. جڏهن بلال خودڪش جيڪٽ پاتي، تڏهن هن پنهنجو شال ۽ ٽوپي لاهي حسنين گل جي گهر ڇڏي. جيتوڻيڪ رياست بعد ۾ هن ثبوت کي نظرانداز ڪيو، پر اهي ڪپڙا ۽ انهن تي موجود ڊي اين اي سازش ڪندڙن جي سڃاڻپ بابت ناقابل ترديد ثبوت مهيا ڪن ھا. حسنين، بلال کي صلاح ڏني ته ٽريننگ وارا جوتا نه پائي، ڇو ته سيڪيورٽي فورسز کي ڄاڻ هئي ته جهادي اهڙا جوتا پائيندا آهن ۽ هو کيس پڪڙي سگهن ٿا. بلال چپل پاتي ۽ ٽرينرز به اتي ڇڏيائين. ڪجهه دعائن کان پوءِ، حسنين، بلال کي اُن دروازي ڏانهن وٺي ويو، جتان هو سمجهندا هئا ته بينظير نڪرندي، جڏهن تہ رفاقت، اڪرام الله کي ٻئي دروازي ڏانهن وٺي ويو، ان لاءِ ته ممڪن آهي ته هوءَ ٻي رستي کان نڪري.
ننڊ مان جاڳڻ کان ٿوري دير پوءِ بينظير دبئي ۾ پنهنجي خاندان کي فون ڪيو. “توھان جو آواز جھيڻو ۽ ھراسيل لڳي رھيو آهي،” سندس پٽ بلاول کيس چيو. “ليمون ۽ ماکي پيئڻ جو خيال رکو.” پوءِ هن پنهنجي مڙس آصف زرداري سان ڳالهايو. “مون کيس ٻاهر نه وڃڻ لاءِ چيو هو… هن چيو ته ڪجهه ڪم اهڙا آهن، جيڪي مون کي ڪرڻا آهن،” هن بعد ۾ ياد ڪيو. اهو آخري ڀيرو هو، جڏهن هن ٻنهي سان ڳالهايو ھو. سندس رويو ڪنھن حد تائين تقدير تي پختي ويساھ جو عڪس هو. “مان سمجهان ٿي ته وقت لکيل آهي، ۽ جڏهن اهو ايندو ته ايندو،” هن هڪ ڀيري چيو هو. “مون کي اڳ موت کان ڊپ لڳندو هو، پر منهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ مون کي ڊپ نه رهيو آهي… جسم رڳو ڪپڙو آهي، اهم روح آهي، ۽ روح آزاد آهي، خدا سان گڏ آهي، نه ته ڇهه فوٽ زمين هيٺ.”
ان کان پوءِ هوءَ اسلام آباد جي هڪ هوٽل ۾ افغان اڳواڻ حامد ڪرزئي سان ملاقات لاءِ وئي. گهڻو ڪري چيو ويندو آهي ته هن کيس خبردار ڪيو ته حملو ٿيڻ وارو آهي، پر حقيقت ۾، سندس چوڻ موجب، هنن پاڻ ۾ رڳو عام طور تي کيس درپيش خطري بابت ڳالهايو. لڳ ڀڳ منجهند ڌاري بينظير جو قافلو راولپنڊي روانو ٿيو. هوءَ پارڪ پهتي ۽ تڪڙو اسٽيج تي وٺي ويئي. سندس سامهون ڏهه هزار ماڻهو هئا، ۽ هن لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ تقرير ڪئي، خانداني سياست سان پنهنجي وابستگي جو اعلان ڪندي. پاڻ کي ٻه ڀيرا “ذوالفقار جي نياڻي” سڏيندي، هن پنهنجي پيءُ جو نالو سترهن ڀيرا ورتو. “ذوالفقار علي ڀٽو”، هن ميڙ کي ٻڌايو، “فوجي آمريت سان جدوجهد ڪندي عظمت حاصل ڪئي. پيپلز پارٽي قائم ڪري، هن پاڪستاني عوام تي ڀروسو ڪيو، جنهن کيس ايٽمي بم ٺاهڻ ۽ پاڪستان کي هڪ عظيم قوم بڻائڻ جي طاقت ڏني. ۽ انهن سڀني ڪاميابين جي باوجود، کيس ڦاهي ڏني ويئي”. “بينظير زنده باد!” ميڙ گونجي اُٿيو. “وزيراعظم بینظیر!”
تقرير ختم ٿيڻ کان پوءِ هوءَ پنهنجي بلٽ پروف ٽويوٽا ۾ ويٺي. هميشه وانگر، سندس حامي گاديءَ جي چوڌاري هئا، ۽ جڏهن گاڏي پارڪ کان ٻاهر روڊ تي آئي ته لڳ ڀڳ بيهجي ويئي. بينظير جا ٻه گارڊ پٺئين بمپر تي چڙهي بيٺا، جڏهن تہ ٻيا اڳيان ۽ پاسن تي هئا. “مون کي بيهڻ گهرجي،” بينظير چيو. معمول موجب، هوءَ پٺئين سيٽ تي اٿي بيٺي، سندس مٿو ۽ ڪلها ڇت مٿان ايمرجنسي هيچ مان ٻاهر هئا. شام جا پنج لڳي ڏهه منٽ ٿيا هئا.
سڄو ڏينهن انتظار ڪرڻ کان پوءِ، بلال ڏٺو ته سندس گهڙي اچي چڪي آهي. هو پهرين ڪار جي اڳيان ويو، پوءِ اُن پاسي، جتي ماڻهو گهٽ هئا، پستول ڪڍي بينظير جي مٿي ڏانهن سڌو ڪيو. هڪ گارڊ نوجوان کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جيتوڻيڪ هن سندس ٻانهن کي ڇهيو، هو ٿورو پري هئڻ سبب مضبوط پڪڙ نه ڪري سگهيو. بلال هڪ سيڪنڊ کان به گهٽ وقت ۾ ٽي فائر ڪيا. ٻئي فائر سان بينظير جي پوتي چهري تان هٽي وئي. ٽئين فائر کان پوءِ، هوءَ پٿر وانگر هيچ مان هيٺ گاڏيءَ ۾ ڪري پئي. ھن جي ڪرندي ئي، بلال پنهنجو خودڪش بم ڦاڙي ڇڏيو.
“مون ڪنڌ ورايو ته هوءَ منهنجي هنج ۾ هئي،” ناهيد خان ساريندي چيو، جيڪا ڪار جي پٺئين سيٽ تي بينظير جي ڀرسان ويٺي هئي، “۽ سندس رت وهندو پئي ويو، جيئن مان بيان به نٿي ڪري سگهان. مون وٽ لفظ ناهن. سندس رت وهي رهيو هو. منهنجا هٿ، منهنجا … هوءَ رت ۾ ٻڏي ويئي هئي. منهنجا ڪپڙا به مڪمل رت ۾ ڀڄي ويا هئا.” ناهيد خان جو مڙس، ڊاڪٽر صفدر عباسي، جيڪو طبي تربيت رکندڙ هو، به گاڏيءَ ۾ موجود هو. “مان سندس نبض ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس، پر تمام ڏکيو ٿي رهيو هو. يقيناً، اسان کي کيس اسپتال وٺي وڃڻو هو. اُن وقت تائين، جيپ اڪيلي هئي. نه ڪا پوليس ڪار هئي، نه ڪو بيڪ اپ.”
بيڪ اپ ڪار ان ڪري نه هئي، جو حيرت انگيز طور بينظير جو سيڪيورٽي چيف رحمان ملڪ اتان هليو ويو هو. هن بعد ۾ انهن لمحن بابت ڪيترائي مختلف ۽ الجهيل بيان ڏنا. ڌماڪي کان ٿوري دير پوءِ ٽي وي انٽرويو ۾ هن چيو ته بلال جي ڌماڪي وقت سندس ڪار بينظير جي گاديءَ کان رڳو چار فوٽ پري هئي. هن دعويٰ ڪئي ته پوءِ هو بينظير جي ڪار کي اسپتال وٺي ويو ۽ اتي رهيو. ٿوري ئي دير بعد هڪ ٻئي انٽرويو ۾ هن چيو ته سندس ڪار بينظير کان اڳيان هئي، ۽ ڌماڪي کان فوراً پوءِ هن رفتار وڌائي، ڇو ته ٻئي حملي جو ڊپ هو. شروعات ۾ بينظير به پٺيان آئي، پر ڪجهه وقت بعد هن ڏٺو ته بينظير جي ڪار پٺيان نه آهي؛ پوءِ هو يو-ٽرن وٺي واپس آيا. ٻئي بيان …. ۽ ٻيا به بيان جيڪي هن ڏنا، سڀ مڪمل طور غلط هئا. حقيقت ۾، رحمان ملڪ ۽ سندس ڪار ۾ ويٺل ٻيا ماڻهو سڌو سنئون جاءِ ڇڏي اسلام آباد هليا ويا. ڏهه سال پوءِ، جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هن ائين ڇو ڪيو، ملڪ چيو ته هو پوليس جي هدايتن تي عمل ڪري رهيو هو. ڪار جو هڪ ٻيو مسافر، بينظير جو پراڻو ۽ مشهور طور وفادار ترجمان فرحت الله بابر، به اهڙو ئي بيان ڏنو، پر هن اهو به ان ۾ شامل ڪيو ته اُن ڏينهن اتان هليو وڃڻ سندس زندگيءَ جو سڀ کان وڏو ڏک آهي.
حوالو :
The Bhutto Dynasty
Yale University Press