محترما بينظير جي قتل ۾ ملوث ھٿ ڇو پڌرا نه ٿي سگھيا آهن؟

محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت پاڪستان جي سياسي تاريخ جو اهو المناڪ باب آهي، جنهن جا ورق اڄ به رت سان لکيل نظر اچن ٿا، پر افسوس جو اڄ تائين اهو راز مڪمل طور سامهون نه اچي سگهيو آهي ته آخر ان دهشتگردي جو اصل ذميوار ڪير هو. اها ڳالهه وڌيڪ ڏکوئيندڙ آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفاقي حڪومت دوران به بينظير ڀٽو جي قتل جو معمو حل نه ٿي سگهيو. سوال اڄ به اٿي ٿو: منصوبابندي ڪندڙ ڪير هئا؟ سهولتڪار ڪير هئا؟ ۽ عملي طور تي قاتل ڪير هئا؟بينظير ڀٽو جهڙي عالمي اڳواڻ، جنهن جمهوريت، عوامي حقن ۽ آئين جي بالادستي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي، ان جي قتل کانپوءِ جاچ جو عمل شروعات کان ئي شڪ شبهن ۾ ڦاٿل رهيو. سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته آخر ڇو قتل واري هنڌ تان رت جا نشان فوري طور ڌوئي ختم ڪيا ويا؟ اهو عمل ڪنهن جي حڪم تي ڪيو ويو؟ ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته اهڙي سنگين غلطي يا جرم جا ذميوار اڄ تائين قانون جي ڪٽهڙي ۾ ڇو نه آيا؟ جيڪڏهن ان وقت ثبوت محفوظ ڪيا وڃن ها ته شايد اڄ قاتلن جا نالا تاريخ جي سامهون بي نقاب ٿي چڪا هجن ها.

پيپلز پارٽيء جي قيادت کان اها اميد هئي ته اھا بينظير ڀٽو جي شهادت کي رڳو جذباتي نعري طور استعمال ڪرڻ بدران ان کي طاقت، همت ۽ سياسي جدوجهد ۾ تبديل ڪندي. پر عملي طور ائين ٿيندي نظر نه آيو. بينظير ڀٽو جي شهادت کي قومي مزاحمت ۽ عوامي تحريڪ ۾ بدلائڻ بدران، ان کي صرف سوڳ ۽ ماتم تائين محدود رکيو ويو. نتيجي ۾ پارٽي جا ڪارڪن مايوسيءَ جو شڪار ٿيا، ۽ اها سياسي توانائي، جيڪا عوام وٽ موجود هئي، آهستي آهستي زائل ٿيندي وئي.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو نعرو هو: “طاقت جو سرچشمو عوام آهي” – اهو نعرو پيپلز پارٽي جي سڃاڻپ، فلسفي ۽ سياسي روح جي علامت رهيو آهي. پر اڄ سوال اٿي ٿو ته ڇا موجوده پيپلز پارٽي قيادت ان نعري کان پري ٿي چڪي آهي؟ ڇا پارٽي هاڻي عوام ۽ ڪارڪنن بدران رڳو چونڊيل اشرافيه، طاقتور خاندانن ۽ اثر رسوخ رکندڙ طبقن تي ڀاڙڻ لڳي آهي؟ پارٽي جا پراڻا، نظرياتي ۽ جدوجهد ڪندڙ ڪارڪن شڪايت ڪندي ڏٺا وڃن ٿا ته کين نظرانداز ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته فيصلا بند ڪمرن ۾ چند ماڻهن تائين محدود ٿي ويا آهن.

اها به هڪ تلخ حقيقت آهي ته پيپلز پارٽي، جيڪا ڪڏهن مزدورن، هارين ۽ غريبن جو آواز سمجهي ويندي هئي، اڄ پنهنجي ئي نظرياتي سڃاڻپ بابت سوالن کي منهن ڏئي رهي آهي. ڪارڪنن سان رابطو، عوامي مسئلن تي سڌي ڳالهه ٻولهه ۽ تحريڪي سياست جي جاءِ تي، اقتداري سياست ۽ طاقت جي حصول کي ترجيح ڏني پئي وڃي. اهڙي روش پارٽي ۽ عوام جي وچ ۾ فاصلو وڌائي ڇڏيو آهي.موجوده پيپلز پارٽي جي حڪمراني جو انداز به تنقيد کان خالي ناهي. سنڌ ۾ مسلسل حڪومت هجڻ باوجود، گورننس، شفافيت، ميرٽ ۽ عوامي سهولتن بابت سوال اٿي رهيا آهن. بدعنواني جا الزام، انتظامي ناڪامي ۽ بنيادي مسئلن جهڙوڪ تعليم، صحت ۽ روزگار ۾ سڌارن جي کوٽ عوام کي مايوس ڪري ڇڏيو آهي. پارٽي جيڪا تبديلي ۽ اميد جي علامت هئي، اڄ ڪيترن لاءِ اسٽيٽس ڪو برقرار رکڻ واري قوت نظر اچي ٿي.بينظير ڀٽو جي شهادت جي اصل تقاضا اها هئي ته پارٽي پنهنجي اندر احتساب ڪري، نظريي ڏانهن موٽي ۽ عوام سان نئون سماجي معاهدو جوڙي. جيستائين بينظير ڀٽو جي قتل جا اصل ذميوار سامهون نٿا اچن، ۽ جيستائين پيپلز پارٽي عوامي سياست، ڪارڪنن جي عزت ۽ شهيد ڀٽو جي فلسفي سان ٻيهر جڙت نٿي ڪري، تيستائين نه صرف اهو راز حل نه ٿيندو، پر پارٽي جي ساک ۽ مستقبل به سوالن جي گهيري ۾ رهندو. بينظير ڀٽو جو رت اڄ به اهو سوال پڇي ٿو: ڇا طاقت جو سرچشمو اڃا به عوام آهن، يا اهو نعرو صرف تاريخي يادگيري بڻجي ويو آهي؟