| محرابپور: خانگي اسڪول جي استاد جو ٻني مان لاش هٿ |
محرابپور(ن پ ا) محرابپور ۾ خانگي اسڪول جي استاد جو ٻني مان لاش هٿ، ان ڏس ۾تاجر اتحاد جي اڳواڻ ظفر اقبال حيدري جي نوجوان ڀائٽي 35 ورهين جي شاهد اقبال پٽ جاويد اقبال آرائين جو لاش نونارين جي قبرستان ڀرسان ٻني مان هٿ آيو، اطلاع تي وارث ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهتا، پوسٽ مارٽم بعد شاهد اقبال آرائين جي مڙھ کي وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، پوليس موجب ابتدائي طور تي موت دل جي دوري سبب لڳي رهيو آهي، ٻئي پاسي فوتي جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ميڊيڪل عملي جو چوڻ آهي ته فوتي جي جسم تي تشدد جا نشان ناهن مليا، هوڏانهن تاجر اتحاد جي اڳواڻ ظفر اقبال حيدري جو چوڻ هو ته شاهد صبح جو بنا ڪجهه ٻڌائڻ جي گهران نڪتو هو، موبائل فون پڻ گهر ڇڏي ويو، منجهند جو اباڻي قبرستان ڀرسان سندس لاش مليو، اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي،