| محرابپور: واپاري ۽ انجنيئر جاقاتل 2 سئوٽ مارڻ جي دعويٰ: وارثن پاران مقابلو جڙتو قرار |
محرابپور (رپورٽ: محسن ملاح) محرابپور پوليس پاران 2 ڏينهن اڳ ڦورن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل واپاري ۽ انجنيئر جا قاتل مارڻ جي دعويٰ: مارجي ويلن سوٽن جي وارثن پاران مقابلو جڙتو قرار، ان ڏس ۾ پوليس مقابلو ڄاڻائي فتح پور واسي 2 سوٽن اشرف ۽ وقار نوناري کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ٻنهي سوٽن جا مڙھ رورل هيلٿ سينٽر آندا ويا هئا، پوليس جو چوڻ هو ته ٻئي جوابدار ٽي ڏينهن اڳ محرابپور ۾ ٿيل ڦر ۽ قتل واري واردات ۾ ملوث هئا، جن سان محرابپور ڀرسان بروهي موري وٽ ڪيلن جي باغ وٽ مقابلو ٿيو، مارجي ويلن وٽان 2 لک ۽ پسٽل پڻ هٿ آيا، واضح رهي ته ٽي ڏينهن اڳ ٺري ميرواھ واسي واپاري غلام شبير شر کان معصوم ڌي ۽ زال سامهون ڦر ڪئي وئي، مزاحمت تي کيس قتل ڪيو ويو، ڦورن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ محرابپور واسي انجنيئر عمران مغل کي پڻ ڦورن فائرنگ ڪري قتل ۽ واٽهڙو نينگر علي شان غوري کي مرڻينگ ڪيو هو. هوڏانهن پوليس پاران ڦورو ڄاڻائي ماريل ٻنهي سوٽن جي وارث زينت نوناري هنجون هاريندي اسپتال پهتي، هن چيو ته پوليس منهنجي ڀاءُ ۽ سئوٽ کي بيگناھ ماري ڇڏيو آهي، اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پوليس اسان جا 5 گهر ڀاتي مسمات پٺاڻي، مجاهد، زاهد، ذوالفقار ۽ معصوم ٻارڙي سيرت پڻ کنڀي کڻي وئي آهي، هن واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ ۽ کين پوليس کان تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي .