| محرابپور: ڏينهن ڏٺي جو ڦرڪوشش : مزاحمت تي واپاري ۽ انجنيئر قتل، نينگر زخمي |
محرابپور (ن پ ا ) محرابپور ۾ ڦر ڪوشش : مزاحمت تي 2 ڄڻا قتل، هڪ نينگر زخمي، محرابپور جي نجي بينڪ مان پئسا ڪڍرائي نڪرندڙ ٺري ميرواھ واسي واپاري غلام شبير شر کان ڦورن شهر جي ٺري روڊ تي ڦر ڪئي، مزاحمت تي کيس گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، شهرين ڦورو کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته غوثيه مسجد ويجهو ڦورو گوليون هڻي محرابپور واسي انجنئير عمران پٽ ياسين مغل ۽ نينگر علي شان غوري کي پڻ زخمي ڪري وڌو، جن کي پڻ فوري طور تي اسپتال آندو ويو، جتي عمران مغل زخمن جا تاب نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، علي شان غوري کي ابتدائي طبي امداد بعد نوابشاھ اسپتال نيو ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته واپاري کي ڦورو زال ۽ ڌي سامهون ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪيو، ڦورو کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڪراچي جي خانگي ڪمپني ۾ انجنئير طور ڪم ڪندڙ محرابپور واسي 40 ورهين جو محمد عمران مغل پنهنجي ڀاءَ جي شادي تقريب ۾ آيل هو. مارجي ويلن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيا ويا،