محرابپور: ڦورن سان مهاڏو اٽڪائيندي انجنيئر سميت 2 شهرين جي قتل خلاف هڙتال: احتجاج 

محرابپور: ڦورن سان مهاڏو اٽڪائيندي انجنيئر سميت 2 شهرين جي قتل خلاف هڙتال: احتجاج 

محرابپور(رپورٽ: محسن ملاح) محرابپور ۾ ڦورن سان مهاڏو اٽڪائيندي  انجنيئر سميت 2 شهرين جي قتل ۽ هڪ نينگر جي مرڻينگ ٿيڻ واري واقعي خلاف تاجر اتحاد جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ٻئي پاسي سماجي اڳواڻ امتياز ملاح جي اڳواڻي ۾ ڦورن جي گرفتاري لاء شهر جي لوڌي چوڪ تي احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو ويو، ان موقعي تي شهرين شهر ۾ وڌندڙ بدامني جي خاتمي ۽ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪيو، هوڏانهن مقتول انجنيئر عمران مغل جي جنازي نماز محرابپور ۾ ادا ڪئي وئي، کيس آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته واپاري غلام شبير شر جي ٺري ميرواهه ڀرسان ڳوٺ الهه آباد ۾ تدفين ٿي، واضح رهي ته گذريل ڏهاڙي محرابپور ۾ ڦورن وچ شهر ۾ ٺري ميرواھ واسي واپاري غلام شبير شر کي معصوم ڌي ۽ زال سامهون ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪيو، ڦورن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڪراچي ۾ انجنيئر طور ملازمت ڪندڙ ۽ ڀاءُ جي شادي تقريب ۾ آيل عمران مغل کي به قتل ڪيو هو، هوڏانهن واقعي  کي 2 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڦورن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي نه سگهي ۽ نه  ئي ڪيس داخل ڪيو ويو