محرابپور ۾ بدامني خلاف شٽر بند هڙتال، شهري رستن تي نڪري آيا، ٿاڻي آڏو 9 ڪلاڪ ڌرڻو
اپريل 30, 2025
محرابپور(ن پ ا) محرابپور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهري سراپا احتجاج بڻجي ويا، تاجر اتحاد جي سڏ تي شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري 9 ڪلاڪ ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي انجمن تاجران اڳواڻ ظفر اقبال حيدري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شهر اندر چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن، محرابپور پوليس ڏوهارين خلاف ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن سبب شهر اندر ڏينهون ڏينهن بدامني وڌي رهي آهي، هنن چيو ته ڏوهن ۾ واڌ ٿيڻ ڪري هتان جو عوام پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيو آهي، جڏهن ته ڪاروبار پڻ سخت متاثر ٿي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ساهتي پرڳڻي جي مشهور ڪاروباري شهر محرابپور ۾ فرض شانس پوليس عملدار مقرر ڪري بدامني ختم ڪرائي وڃي، هوڏانهن ڊي ايس پي ڪنڊيارو عبدالمجيد آرائين احتجاجي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري 9 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪرايو، ملاقات ۾ طئي ڪيو ويو ته انجمن تاجران محرابپور جو وفد اڄ ايس ايس پي نوشهروفيروز سنگهار ملڪ سان ملندو.